ڪجهه شرپسند ذاتي مفادن لاءِ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي خلاف منفي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن: پڌرائي

نوابشاهه (پ ر) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اداري خلاف ٿيندڙ سازشن جي ڀرپور نموني مذمت ڪجي ٿي، ڪجھه شرپسند پنھجي ذاتي مفادن لاءِ معصوم شاگردن کي استعمال ڪري پڙھائي ۾ مداخلت ڪن ٿا ۽ مسلسل يونيورسٽي جا گيٽ بند ڪري شاگردن، استادن ۽ ٻئي عملي کي يرغمال بنايو ٿو وڃي.
پڌرائي موجب وائيس چانسلر جي اچڻ کان پوءِ اداري اندر پر امن ماحول کي خراب ڪرڻ ۽ اداري خلاف سوشل ميڊيا تي مسلسل منفي پروپيگنڊا اصل ۾ اداري ۾ ٿيندڙ بھتري خلاف وڏي سازش آھي، يونيورسٽي گوگل اسڪالرشپ، انڊومينٽ فنڊ اسڪالرشپ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اسڪالرشپس ميرٽ ۽ نيڊبيس بنيادن تي ڏيندي ٿي اچي، شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ عالمي معيار جون ڪانفرنسز، سيمينار ۽ راندين جا ھفتا پڻ ملھايا ويا، جنهن جو مقصد اداري جو ماحول بھتر ڪرڻ ھو.
يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھه چيو ته يونيورسٽي جي ھر پاليسي ۽ ان جي شفافيت تي ھر وقت ميڊيا، شاگردن ۽ سندن والدين آڏو بحث ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، باقي ڪردار ڪشي، منفي سياست ۽ دھشتگردي ڪرڻ وارن خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي، ايندڙ وقت ۾ منفي سرگرمين ۾ ملوث عنصرن خلاف قانوني ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.
هن چيو اميد ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد، وڪيل، سول سوسائٽي، خصوصي طور تي والدين، صحافي دوست ۽ تعليم دوست ڌريون شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي خلاف ٿيندڙ پروپيگنڊا جو حصو نه بڻجندا ۽ حقيقتن کان آگاھه رهندا.
پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھه وڌيڪ چيو ته اسان سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ ڪينالن جا مخالف آهيون ۽ اهو موقف آئون ايڇ اي سي جي ميٽنگ ۾ به ڏئي چڪو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.