حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بيانن سان ڪجهه نه ٿيندو، پ پ ڪينالن جي خلاف آهي ته پوءِ حڪومت ڇڏي.
حيدرآباد ۾ پريس ڪلب سامهون ريلي کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ ناهي آيو ته پ پ ڪينالن جي خلاف آهي يا حامي آهي، سنڌ جي عوام کي ئي اڄ تائين خبر ناهي ته پ پ ڪٿي بيٺي آهي.
هن چيو ته ڪينال ڀلي ٺاهيو پر ٻڌايو ته پاڻي ڪٿان ايندو؟ چولستان جو فيصلو سي سي آءِ ڪري.
You might also like