ايڌي فائونڊيشن هڪ ٻيو جهاز خريد ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڌي فائونڊيشن طرفان ايئر ايمبولينس سروس ۾واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ايڌي ذريعن موجب ايڌي فائونڊيشن ايئر ايمبولينس سروس لاءِ هڪ ٻيو جهاز خريد ڪري ورتو آهي.
ايڌي فائونڊيشن جي اختيارين موجب ايئر ايمبولينس سروس لاءِ جديد ورزن جو پائپر سينيڪا جهاز خريديو ويو آهي، ايڌي فائونڊيشن طرفان جهاز ٻاهرئين ملڪ مان پاڪستان آندو پيو وڃي.
ذريعن موجب ان جهاز کانپوءِ ايڌي فائونڊيشن وٽ ايئر ايمبولينس سروس جي جهازن جو انگ 3 ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.