لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار مناهل ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار جي ورچڙهي وئي آهي، هن ڀيري سندس نشاني ڪنهن وڊيو بدران هڪ مشهور گلوڪار جو نئون گيت آهي.
مناهل الزام هنيو آهي ته گلوڪار عمير اعواڻ پنهنجي نئين گاني ” لاري آ“ ۾ سندس ذاتي زندگي سان لاڳاپيل وڊيوز استعمال ڪيون آهن، اهڙو عمل مون کي بلڪل به پسند ناهي.
هڪ وڊيو بيان ۾هن چيو آهي ته هوءَ عمير اعواڻ کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ٿي ته گانو يوٽيوب تان هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ هوءَ قانوني ڪارروائي ڪندي ۽ گلوڪار خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪرائيندي.
ٻئي پاسي عمير اعواڻ سندس الزامن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هو گانو ڪنهن به صورت ۾ ڊليٽ نه ڪندو، مناهل کي جيڪو ڪرڻو آهي، ڪري .
ياد رهي ته” لاري آ“ ٽي ڏينهن اڳ يوٽيوب تي جاري ٿيو هو، جنهن کي هينئر تائين اٽڪل 99 هزار ڀيرا ڏٺو ويو آهي.
مناهل جي الزامن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي گيت وڌيڪ مقبول ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي واهپيدارن ان معاملي کي پبلسٽي اسٽنٽ قرار ڏئي رهيا آهن.
Prev Post
You might also like