اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي پاڻي جي مسئليتي عوامي جذبن سان نه کيڏڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جي ترجمان پاران اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي سنڌو درياءَ تي ڇهن ڪينالن جي تجويز فوري طور تي واپس وٺڻ گهرجي. شازيا مري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌو درياءَ تي ڇهه نوان واهه ٺاهڻ جي اجازت نه ڏيندي.