اسلام آباد (امداد سومرو) ڪينالن جي منصوبي خلاف سنڌ جي عوامي رد عمل شدت اختيار ڪري ورتي آهي. ٻٻرلوءِ وٽان قومي شاهراهه بند ٿيڻ بعد سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جي آمد و رفت معطل ٿي وئي آهي. وڪيلن ۽ احتجاج ڪندڙ ڌرين طرفان اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن 25 اپريل تائين تڪراري ڪينالن جي منصوبي کي ختم نه ڪيو ويو، ته پوءِ ريلوي ٽريڪ ۽ ايئرپورٽس کي به بند ڪيو ويندو. ڊيرا موڙ وٽان به رستو بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن سان صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي. وڪيلن جي سخت گرمي باوجود احتجاجي ڌرڻي ۾ ويهڻ، سندن عزم جو مظاهرو آهي، ۽ اهو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌ جي عوام لاءِ پاڻي ۽ وسيلن جو تحفظ ڪيترو اهم مسئلو بڻجي چڪو آهي. ان دوران "مائنر منرلز بل” پڻ نئين تڪرار جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن کي دانشورن ۽ ليکڪن ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. مولانا فضل الرحمان، ايمل ولي خان سميت ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن پڻ اهڙي قانونسازي تي خدشا ظاهر ڪيا آهن. انهن جو موقف آهي ته هي سڌي ريت صوبن جي وسيلن تي وفاقي قبضي جي ڪوشش آهي. سياسي منظرنامي ۾ پيپلزپارٽي، جيڪا ماضي ۾ سنڌ جي علحدگي پسند تحريڪن کي روڪڻ جو بنيادي ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، هاڻ پنهنجي مقبوليت وڃائيندي نظر اچي رهي آهي. خاص طور ڪينالن جي مسئلي تي مقبوليت وڃائي رهي آهي جنهن سبب قومپرست ڌريون ٻيهر سرگرمٿينديون پيون نظر اچن. بلوچستان جهڙي صورتحال سياسي طور ٿي وئي ته ڪا به ڌر وڌيڪ سيٽون نه کڻي سگهندي. پاليسين جي ڪري وفاق جو نقصان ٿي رهيو آهي پر پاليسيون سياستدان نه پيا ٺاهين.