ڪشمور ڀرپاسي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم، ھٿياربندن ھٿان 3 ڄڻا اغوا

ڪشمور (رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) ڪشمور جي ڊکڻ بنگلي واري علائقي مان گذريل رات ڊکڻ بنگلو کان گھر طرف ويندي ٽانوري برادري جا 3 ڄڻا اغوا ٿي ويا . سڪندر علي ٽانوري، غفار ٽانوري ۽ آصف علي ٽانوري کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا، اغوا ٿي ويل نوجوان بخشاپور جا رھواسي آهن ڊکڻ بنگلو ۾ اليڪٽريشن جو شاپ ھلائيندڙ آهن نوجوان موٽرسائيڪل ذريعي پنهنجي گهر بخشاپور طرف وڃي رهيا هئا ته انڊس هاءِ وي روڊ تان ٽنھي ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي جتان ٽنھي ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي، وارثن پاران ڪشمور ٿاڻي تي ٽنھي ڄڻن جي اغوا ٿيڻ جي ڪشمور ٿاڻي تي اطلاع ڏني ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته ٽانوري برادري جي ٽن ڄڻن جي اغوا ٿيڻ تي وارثن طرفان ڪمپلين ڪئي آهي جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.