چمبڙ (رپورٽ: ثوبيا کوسو) سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوٽريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن ايريگيشن گيٽ کان پيادل مارچ شروع ڪيو جيڪو شھر جي مختلف علائقن مان مان ٿيندو مين چوڪ چمبڙ پھتو ته جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته اسان ڪو فتح ڪيل علائقو ناھيون جو سدائين اوھان جا غلام بڻجي جيئون، ڏسي وٺو سنڌين ھاڻ تابعداري جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آھن، سنڌ جا ويريو! ٽاڪ منجھند جو ھزارين ماڻھو رستن تي اٿو، اھي سرڪاري بسن ۾ آندل پگھاردار ناھن، اھي پنھنجو ديس ۽ درياهه بچائڻ غيور ۽ دلير سنڌي آھن، سنڌ ھاڻ جُڙي پئي، سنڌ ھاڻ مِڙي پئي، ھاڻ سمورا سنڌي ھڪ ٻي کي ڀاڪرن ۾ ڀري، قدم قدم سان ملائي، اوھان جي بدبودار فيصلن ۽ ارادن کي بدترين شڪست ڏيندا، پيپلزپارٽي جون سنڌ جي ماڻهن کي منجهائڻ واريون اٽڪلون سمجهو، پ پ کي جلسي لاءِ ماڻهو نه ٿا ملن، پنج پنج هزار ڏئي ماڻهو گهرايا اٿن، پيپلز پارٽي ناٽڪ ڪري مخالفت ڪري پئي، ڪئنالن واري معاملي تي پ پ پ کي ڪوڙ ڳالھائيندي ڪا ڦڪائي به نٿي ٿئي، هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت 75 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، 1991ع جي ارسا معاهدي موجب، 117 ايم اي ايف پاڻي موجود ناهي، جڏهن پاڻي پهرين ئي موجود نه آهي ته وڌيڪ ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي، حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا، حڪمران سمجھن ٿا ته سنڌي ماڻھو خاموش رھندا ته اھا انھن جي ڀل آھي، سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نه رھندا، سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا ته حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا.