ڪراچي (رپورٽر) ڏيڍ مهيني کان پوءِ، ڪراچي ڪمشنر اٽي جي اگهن ۾ 10 رپين کان 17 رپيا في ڪلوگرام گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. هول سيل ۾ فائن اٽي جو اگهه 10 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 78 رپيا ۽ ريٽيل اگهه 10 رپيا گهٽجي 82 رپيا ٿي ويو، چڪي اٽي جي اگهه ۾ 10 رپيا لاٿ ٿيڻ کانپوءِ 90 رپيا ڪلو ٿي ويو. اڍائي نمبر اٽي جي اگهه ۾ 17 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 66 رپيا هول سيل ۽ ريٽيل اگهه 70 رپيا ٿي ويو. ڪمشنر جي نوٽيفڪيشن موجب 100 گرام چپاتي 10 رپيا ۽ 120 گرام نان 15 رپين ۾ وڪرو ٿيندو.
-
ڪنهن به شخص کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جو اختيار نه ڏنو آهي: عمران خان
راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان پنهنجي قانوني ٽيم جي ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ واضع ڪيو آهي ته هن ڪنهن به شخص کي اسٽيبلشمينٽسان ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جو اختيار نه ڏنو آهي، نه ئي ماضي ۾ هن ڪو معاهدو ڪيو هو ۽ نه هاڻي ان معاملي تي ڪنهن ڳالهائڻ جو ارادو رکي ٿو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس پي ٽي آءِ باني آفيشل اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ويو آهي ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن معاهدي ۾ دلچسپي هجي ها، ته مان ٻه سال اڳ ڪيل آڇ کي قبول ڪري وٺان ها، جنهن تحت ٻه سال خاموش رهڻ جي بدلي ۾ قانوني ڪارروائي کان مڪمل ڇوٽ جي تجويز ڏني وئي هئي، پر مون اُن وقت به انڪار ڪيو ۽ هاڻي به اهڙي قسم هره سوچ کي رد ڪريان ٿو . بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ اعظم سواتي ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪئي هجي، پر منهنجي نظر ۾ اهڙيون ڳالهيون بي معنيٰ آهن، ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. هن چيو ته علي امين ۽ اعظم سواتي پنهنجي مرضي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهين ٿا، مون هميشه چيو آهي ۽ وري به چوان ٿو ته هڪ سياسي پارٽي طور اسان کي ڳالهين تي ڪو اعتراض نه آهي.