ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ واري حڪم تي عمل ڇو ناهي ٿيو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نون ڪينالن جي تعمير لاءِ ارسا جي جوڙجڪ ۽ پاڻي جي دستيابي بابت سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت سيڪريٽري ارسا، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کان ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر جي مقرري بابت پڇاڻو ڪيو. جسٽس فيصل ڪمال ريمارڪس ڏنا ته ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر جي مقرري بابت اڳ ئي عدالتي حڪم موجود آهي، پوءِ به ان تي عمل ناهي ٿيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهري ورتو ۽ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ۾ اپيل رد ٿي چڪي آهي. ارسا جي سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته ميمبر جي مقرري سندن اختيار ۾ ناهي، هيڊڪوارٽر لاهور کان اسلام آباد آرڊيننس تحت منتقل ڪيو ويو. درخواست گذار جي وڪيل بئرسٽر ضمير گهمرو چيو ته ارسا جي جوڙجڪ فيصلا سازي جي اختيار کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ پاڻي جي ورڇ ۾ سنڌ کي نقصان رسائي رهي آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته قومي اتحاد کي نقصان کان بچائڻ اولين ترجيح آهي، ۽ ارسا ۾ سنڌ مان ميمبر جي مقرري عدالتي حڪم موجب ڪئي وڃي. عدالت چيو ته هن معاملي کي مستقل بنيادن تي قانوني ترميمن سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. عدالت وفاقي حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏيندي، ٻڌڻي 29 اپريل تي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.