حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شهباز حڪومت کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي ته جيڪڏهن سنڌو درياهه مٿان تڪراري ڪينالن وارو منصوبو واپس نه ورتو ويو ته پيپلزپارٽي هن حڪومت سان گڏ هلي نه سگهندي. وفاقي حڪومت اسان جي اعتراضن کي مڃي، آئون پنهنجي عوام سان گڏ بيٺو آهيان، ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندس، مون سان گڏ فارم 47 نه پر عوام آهي، اوهان پنهنجي موقف کان هٽو، اسان پاڪستان کپي چوڻ وارا آهيون، نه کپي وارا ناهيون، پ پ هر وفاق دشمن منصوبي ۽ سازش خلاف پهرين صف ۾ بيٺل رهندي آهي، حڪومت جي ڪنهن پاليسي جي ڪري جيڪڏهن وفاق کي ڪو خطرو آهي ته ان کي روڪڻ جي لاءِ پيپلزپارٽي پهرين صف ۾ ڪردار ادا ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد جي هٽڙي باءِ پاس تي پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن پاران سنڌو درياهه مٿان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف منعقد ڪيل جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪينالن خلاف 26 هين آئين ترميم ۽ ان کانپوءِ به آواز اٿاريو هو، اسان 27 ڊسمبر تي به چيو ته اسان پاڪستان کپي چوڻ وارا آهيون ان ڪري ڪينالن وارو منصوبو ختم ڪيو، پر هي اسلام آباد وارا انڌا ۽ ٻوڙا آهن، نه هو ڪجهه ڏسڻ چاهين ٿا نه ئي ڪجهه ٻڌڻ ٿا چاهين، اسان مخالفت ان ڪري ڪري رهيا آهيون ته وفاق خطري ۾ آهي. ڇو ته هن وقت بلوچستان ۾ عليحدگي پسند دهشتگرد تنظيمون ڪارروايون ڪري رهيون آهن، ڪي پي ڪي ۾ صورتحال خراب آهي، توهان ان دور ۾ اهڙي منصوبي جو مسئلو ڇيڙيو آهي جنهن سان ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي سگهي ٿو. هن چيو ته شهباز شريف جيڪڏهن اڄ وزيراعظم آهي ته کيس عوام جا ٿورا مڃڻ گهرجن ته اسان کيس هڪ دفعو نه ٻه دفعا وزيراعظم بڻايو آهي، ان ڪري وزيراعظم شهباز شريف کي عوام جو مطالبو مڃڻو پوندو. هن چيو ته هو اڃا تائين آسري ۾ ويٺل آهن ته اسان هنن جون وزارتون وٺنداسين، هو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي وزارتون نه ورتيون ته ڪيئن معاشي ترقي ٿي سگهندي، اسان کي بجيٽ ۾ ڪيئن ووٽ ملندو، پر اسان چئون ٿا ته اسان توهان جي وزارتن کي لت هڻون ٿا. هن وقت وزيراعظم شهباز شريف کي چوڻ گهرجي ها ته توهان جي اعتراضن جي ڪري ڪينالن وارو اهو منصوبو ختم ڪريان ٿو، پر افسوس سان چوڻ پئي ٿو ته هو پوئتي هٽڻ جي لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته شينهن وارا رڳو رت چوسڻ وارا آهن، هنن جي هر پاليسي عوام دشمن ۽ هاري دشمن آهي. هنن طئه ڪري ڇڏيو آهي ته زرعي شعبي تي ڳرا ٽيڪس لڳائجن، ان صورتحال ۾ سنڌ ۽ پنجاب جو هاري ڪيڏانهن وڃي. هن چيو ته هاڻ هو چولستان جي ريگستان ۾ نوان ڪينال ڪڍي پوکي ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن پاڻي ئي ناهي ته پوءِ ڪيئن چولستان جو ريگستان آباد ٿي سگهندو، آئون ٿر ۽ چولستان جي ترقي چاهيان ٿو، پر هن وقت جن علائقن ۾ زمينون آباد ٿي رهيون آهن پهريان انهن کي بچائڻو آهي، اسان کي معاشي پاليسيون بهتر ڪرڻيون آهن، جيڪڏهن توهان کي چولستان ۽ ٿر کي آباد ڪرڻو آهي ته سئو بسم الله، پر اسان سنڌو درياهه تي سودو ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان وٽ زرعي شعبي جي ترقي جا طريقا موجود آهن، اسان تيار آهيون جيڪڏهن حڪومت تڪراري منصوبا روڪي ٿي ته آئون 50 سالن جي زرعي شعبي جي ترقي جو پلان شيئر ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان. صدر زرداري پارليامينٽ ۾ ڪينالن جي منصوبن کي بند ڪرڻ جو چيو، پر توهان ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهيو. هن اعلان ڪيو ته 25 اپريل تي سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر ۾ تاريخي جلسو ۽ احتجاج ڪنداسين، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو مطالبو ورجائينداسين، پنهنجو سنڌو ۽ وفاق بچائينداسين، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون پ پ جي تنظيم ۽ شهيد ڀٽو جي سپاهين کي نواب يوسف ٽالپر جي سيٽ تي جيالي جي هڪ ڀيرو ڪاميابي جي مبارڪ ڏيان ٿو، سنڌ جي عوام اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته مير جو نه پير جو ووٽ صرف تير جو . هن چيو ته اسان پاڪستان کپي چوڻ وارن مان آهيون، پاڪستان نه کپي چوڻ وارن مان ناهيون. ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته لاهور جي جيالن پاڻ کي ساڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرڻ وقت ڪجهه ماڻهن سازش ڪري اسان جي اندران ئي پاڪستان نه کپي جا نعرا هڻايا، پر آصف علي زرداري ان سازش کي ناڪام بڻايو ۽ پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، آصف زرداري آمر مشرف کي ڀڄايو ۽ 18 هين ترميم ڪري توهان کي حق ڏياريا. هن چيو ته پي ڊي ايم جي دور ۾ به حيدرآباد جي عوام پي ڊي ايم وارن جو ڀرپور استقبال ڪيو هو. هن چيو ته قيدي نمبر 420 به پنهنجي دور ۾ 6 ڪينالن مان 2 ڪينالن جي منظوري ڏني هئي، ان دور ۾ به پيپلزپارٽي مخالفت ڪئي هئي. اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جي منصفاڻي ورهاست قومي فرض آهي، پاڻي عالمي سطح تي پاڪستان کي مسئلن جي ور چاڙهي سگهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ٻن ڪينالن جي اجازت ڏني ته پيپلزپارٽي ان جو مقابلو ڪيو ۽ ٺهڻ نه ڏنا، ان وقت هي نه کپي نه کپي ڪرڻ وار ستا پيا هئا، اهي هئا ڪٿي؟ يا ان وقت عمران خان جا اتحادي هئا. هي چور دروازي کان اچڻ جي ڪوشش ڪندڙ آهن. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڊيمن خلاف احتجاج ڪيو، جڏهن ڌرڻو لڳو ته سنڌ جي جيالن سان گڏ پنجاب جا جيالا به قافلا وٺي ڌرڻي ۾ پهتا.