سکر/خيرپور( رپورٽ: آزاد مهر+ شفيع محمد ابڙو+ مختيار ڦلپوٽو+ عبدالمتين مهر) سنڌو درياءُ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف هزارين وڪيلن سميت سنڌ ۽ سنڌو جا عاشق ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، پنجاب ويندڙ رستا بند ٿي ويا. سنڌو تي ڇهه ڪئنال ٺاهي ڌاڙي هڻڻ خلاف هزارين وڪيل ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي هزارين وڪيل گڏ ٿي ويا. جن نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. پنجاب ۽ بلوچستان کان ايندڙ هزارين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي ڪراچي سميت مختلف علائقن کان پھتل وڪيل اڳواڻن عامر وڙائڇ، سرفراز ميتلو ۽ ٻين جي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي اڳواڻن ۽ خيرپور بار جي وڪيلن گلن سان آجيان ڪئي. احتجاجي ڌرڻي گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ضلعن جي وڪيلن به وڏي انگ شرڪت ڪئي. جڏهن جسقم، جي يو آءِ، پي ٽي آئي، جي ڊي اي، شهيد ڀٽو ۽ ٻين پارٽي جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنجاب ۽ وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته فوري طور ڇهن ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هي احتجاج ڪئنالن جي خاتمي تائين جاري رهندو. ڌرڻي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سرفراز ميتلو،ڪراچي بار ايسوسيئشن جي صدر عامر وڙائچ، خيرپور بار جي صدر اعجاز چانڊيو،لاڙڪاڻي بار جي صدر اطھر عباس سولنگي، قوم پرست اڳواڻ رياض چانڊيو، جسقم بشير جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ذوالفقار جونيئر، جسقم وائيس چيئرمين امجد مھيسر، جمعيت العلماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو، شيعه اڳواڻ اياز حسين قمي ۽ ٻين اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ نوان 6 ڪئنال غيرقانوني آهن. سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي چولستان جي بنجر زمين آباد ڪري سنڌ جي سرسبز زمين کي بنجر بڻائي چاهن ٿا جيڪو ڪنهن به صورت منظور نه ڪيو ويندو انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي شعور غيرقانوني ڪئنالن کي رد ڪري ڌرڻا ۽ ريليون ڪڍي وفاق کي اطلاع ڪيو ته ڪئنال تان هٿ کڻي وڃن پر وفاق پاران ڪوبه تحرڪ نه ورتو ته مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آهيون. اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي جا سربراهه وڏا عھدا ماڻڻ لاءِ سنڌ کي تباھ ڪرڻ ٿا گھرن جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌين پيپلزپارٽي کي ڏئي ايوانن تائين پھچايو ۽ ان جي رد عمل ۾ ھنن سنڌ کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر ناھي ڇڏئي ھنن چيو ته اسان سمورا ھتي سنڌي آھيون اسان بغير ڪنهن نسل رنگ ذات پات يا شيعه سني ھندو مسلمان جي ھڪ قوم ٿي ھتي گڏ ٿيا آھيون ۽ ھاڻي زرداري گروپ جي ڪنھن به ڪوڙين ڳالھين ۾ ڪونه اينداسين ھنن اسان جو مطالبو صرف هڪ ئي آهي، ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ته اڄ ئي ڌرڻو ختم ڪنداسين. ڪينال ٺاهڻ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش آهي جيڪا ڪڏهن به اسان پوري نه ٿيڻ ڏينداسين جيستائين ڪئنالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ويندو تيستائين هي ڌرڻو جاري رهندو. جڏھن ته ۾ ڌرڻي ۾ خيرپور جي سماجي اڳواڻ پاران ٿڌي پاڻيءَ شربتن توڙي چانھن جي سبيلن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا جڏھن ته ھر طرف ڪئنال خلاف نعريبازي پڻ ڪئي جاري رھي. صدر ڪراچي بار ايسوسيئيشن عامر نواز وڙائچ چيو ته درياهن ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ۽ اهڙي صورتحال ۾ نوان ڪينال ٺاهڻ سنڌ سان سنگين ناانصافي جي برابر آهي. وڌيڪ چوڻ هو ته ڇهه ڪينال اسڪيم نه رڳو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر 1991 جي واٽر معاهدي جي به کليل توهين آهي،جيڪڏهن وفاقي حڪومت اسان جي ڌرڻي دوران تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته هائي ويز کانپوءِ ريلوي ٽريڪ ۽ هوائي اڏا به بندا ڪنداسين 6 ڪئنال منصوبي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو.