سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ )سنڌ جي وڪيلن پاران ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي ھڻڻ لاءِ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي کان نڪتل ريليءَ جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ نوناري سي اين جي وٽ نيشنل پريس ڪلب پاران اسٽيج جو اهتمام ڪيو ويو جتي نيشنل پريس ڪلب جي باني غلام قادر چانڊيو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي چيو ته سنڌوءَ خاطر هر ان ماڻھوءَ سان گڏ آهيون جيڪو سنڌوءَ مٿان ڇهن ڪئنالن خلاف آواز اٿاريندو، ان موقعي تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر مير محمد ڪيريو، راج ڪمار اوڏ، قاضي جاويد سنائي، مور چانڊيو، عابد ڀٽي، اصغر چوهاڻ، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ۽ سيد زين شاهه کي سڪرنڊ ڪهي اڄڻ تي اجرڪون اوڍايون، ان موقعي تي سنڌو بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته وڪيلن جي جرئت کي سلام آهي جن ان وقت ڌرتيءَ جي ٿڃ ملهائي آهي جڏھن قوم ۽ ڌرتي تي ڏکيو وقت آيو آهي هن چيو ته 14 آگسٽ 47 تي ملڪ ۾ ان ڪري سنڌ شامل ٿي ته جيئن سنڌ سکي ستابي ٿئي پر افسوس جو 77 سالن کان سنڌ کي سورن ۾ وڌو ويو آهي، حڪمران 18 هين ۽ 26 آئيني ترميم ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا آهن ۽ پيڪا قانون تحت صحافين کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سيد زين شاھ چيو ته ڏھن نسلن جي ڳالھه ڪرڻ وارئو اسان سان فرعون واري ٻولي نه ڳالهايو، اوهان کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسان جو هڪ ئي نسل جيڪو هينئر روڊن تي سجاڳ ٿي نڪتو آهي اوهان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي، هن اهو به چيو ته مان پاڻ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندس ۽ تيسيتائين وڪيل ڀائرن سان گڏ هوندس جيستائين مقصد حاصل نه ٿيندو. ريلي کي ايڊووڪيٽ سري چند اوڏ ايڊووڪيٽ ارشد شر، غلام رحمان ڪورائي، فلڪ شير اوڏ، نيشنل پريس ڪلب جي صدر ممتاز سيال ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته سينيئر صحافي عرفان ٻڳهيو اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏنا، پروگرام پرھ ڦٽيءَ تائين جاري رھيو، قومي گيتن ماڻھو جمھوريون ھڻندا ۽ ڪئنال سمورا نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا.