سکر: وڪيلن جي ڌرڻي ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ فتاح سميجو،جي يو آءِ راشد محمود سومرو، رياض چانڊيو، اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته بلوچ ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا، جڏهن ته ڌرڻي ۾ اسڪولي شاگرد، شهرين، اديبن، سماجي اڳواڻن سميت هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڌرڻي ۾ شريڪ آهن، هر طرف سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف جذباتي نعرن جي گونج ٿي رهي آهي، ڌرڻي واري جڳھه تي مختلف تنظيمن ۽ وڪيلن پاران مٺي ٿڌي پاڻي سميت ماني جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي، هوڏانهن گهوٽڪي ضلعي مان وڪيلن ۽ سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻ جو قافلو ايڊووڪيٽ اصغر پهنيار، سڌام چند ڪيولراماڻي، غلام رسول مهر ۽ ٻين جي ڌرڻي ۾ پهتو.