جنم: سنڌ کان ٻاهر جي نام نهاد قومي ميڊيا جي دانشورن کي ته ڇڏي ئي ڏيو جيڪي سنڌ کي جاهل ۽ ڪاهل اهڙي ميڙ جي صورت ۾ ڏسندا آهن جيڪي پ پ پ معرفت پيرن ، ميرن ۽ جاگيردارن هٿ يرغمال آهي. وڏي عرصي تائين سنڌ جي غالب سياسي شعور کي پڻ اهاڏک نما شڪايت هُئي ته سنڌ ساڻي آهي، ڊي پوليٽيسائزڊ آهي يا ٿُلهي ليکي سياسي جمود جو شڪار آهي. پنهنجي پاڙن ۾ وڌندڙ بيچيني کا بي نياز ۽ تاريخي سمجهه جي ڪمزوريءَ سبب سنڌ جي غالب سياسي دانش منجهه اهڙي قسم جا خيال انڪري به پيدا پئي ٿيا جو بلوچستان ۾ ماهه رنگ بلوچ ۽ پختونخواهه ۾ منظور پشتين جي اڳواڻيءَ ۾ تحريڪون هلندڙ هيون، 2022ع جي ٻوڏ ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ دربدري جي دور ۾ سرڪار جي گمشدگي باوجود پي پي جي وري کٽي اچڻ ڄڻ ته عام سياسي شعور جي ان مغالطي کي ويتر مضبوط ڪيو. پر جيئن فيض احمد فيض چيو هو ته
جو تجھہ سے عهد وفا استوار رکھتے ہيں
علاجِ گردشِ ليل و نہار رکھتے ہین
يا جيئن اقبال چيو هو ته
وه جو ابھی پرده افلاک میں ہے
عکس اس کا مرے آئینہ ادراک میں ہے
سو ڏيک جي جهان کان ٽپي جوهري حقيقتن کي ڏسڻ واري اک ڏٺو پئي ته سنڌ جي سماجي تاڃي پيٽي تي جاگيردارن ۽ سياسي وايومنڊل تي پيپلز پارٽي جي ڄميل ٿري هيٺ سياسي سماجي معاشي حالتون گرم ٿي رهيون هيون ۽ ڪنهن به وقت ڪنهن به سوال تي اُٻڙڪو کائڻ لاءِ تيار هيون.
گرين انيشئيٽو پروگرام ۾ سنڌ جي زمينن تي راتاهي ( جنهن ۾ 52 هزار ايڪڙ سنڌ حڪومت ڏنا به) پهرين کان بي زمين ۽ بدحال عوام کي قطعي بي يقيني طرف ويتر ڌڪيو. ڏيڍ سو سالن جي ڊوهه سبب مرڻ ڪنڌي پهتل اسانجي سنڌو ندي جو سوال هونئن سنڌ جي عوام (جسم) ۾ ڀڳي هڏ جيان ڏُکندو هو، مٿان سنڌو منجهان نون ڪينالن کي ڪڍڻ وارو فيصلو ڄڻ ته اٺ جي پُٺي تي آخري ڪک ثابت ٿيو، جنهن کانپوءِ سنڌ جي صبر جي چيلهه ڀڄي پئي. بنا ڪنهن شڪ جي سنڌ، ڏهاڪن کانپوءِ ڪر موڙي پنهنجي ڪُک منجهان هاڻ وڃي هڪ اهڙي تحريڪ کي جنم ڏئي رهي آهي جنهن جا ابتدائي نقش ويتر بدلبا ۽ نروار ٿيندا. رياست به اهو سڀ ڪجهه ڏٺو پئي تنهن ڪري ان هڪ پاسي اُتر سنڌ ۾ بدامني جي لڳايل باهه مٿان اڃا گاسليٽ هاريو ۽ ٻئي پاسي ڊاڪٽر شاهنواز جو روح ڪانڊاريندڙ واقعو ڪرائي سنڌ جي مزاحمتي شعور کي عارضي طور سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو پر جلد ئي سنڌ پنهنجا اوسان بحال ڪيا ۽ جوابي مزاحمت سان ان نئين پيدا ٿيندڙ خطري کي نيوٽريلائيز ڪري مذهبي انتهاپسندن ۽ رياستي ايجنٽن جي سازش کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو ۽ سمورين تواناين کي دريا ۽ زمين جي سوال ڏانهن منتقل ڪيو.
ٻاروتڻ : قومي عوامي ، دريا ۽ ماحول دوست سياسي ڌُرين جي مستقل مزاجي ۽ رياستي پاليسين سبب هڪ اهڙو ننڍڙو ڪُن پيدا ٿي پيو جنهن پاڻ چوڌاري نسبتن بيٺل پاڻي (مزدورن، هارين، شاگردن، عورتن، وڪيلن، صحافين، ڊاڪٽرن، فنڪارن، دانشورن سميت سمورن سماجي پرتن) کي لوڏيو ۽ جيئن جيئن ان کي پاڻ منجهه ڇڪيندو ويو تيئن ئي سندس ڪاٿو وڌندو ويو ۽ هاڻ ان جي شدت اها آهي ته ڪارپوريٽ ڪينالن ۽ فارمنگ جي منظوري ڏيندڙ صدر جي صاحب جي پنهنجي صوبائي پارٽي کي اهڙي ڀنواٽي آيل آهي جو ان جا پير زمين تان اُکڙجن ٿا پيا ۽ اها پاڻ ڪينالن خلاف احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي آهي. تحريڪ جي هن ننڍي عمر (اٺ مهينا) ۾ جذباتيت جو غالب هئڻ فطري هو ۽ ان سبب ڪري سڀاويڪ به. ڪجهه مهم جوئاڻا پُرتشدد عمل به ٿيا پر تحريڪ ٿلهي ليکي پُرامن ئي رهي. تحريڪ جي وسعت ۽ گهرائي ايتري ته گهڻي هئي جو رياست کي ڪنهن هڪ جاءِ تي بحريا ٽائون جهڙو واقعو ڪرائڻ جو به خاطر خواهه فائدو نظر نه ٿي آيو. سنڌ جو عام سياسي شعور قومپرستاڻو آهي تنهنڪري هن ڏاڪي تي، ٻين سياسي ڌُرين کان علاوه خاص طور قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن، سماجي فورمن، شهري اتحادن جي پليٽ فارم تان متحرڪ ماڻهن پڻ اهڙي ريت اهم ڪردار ادا ڪيو جو هڪ خود رو تحريڪ جي ڳالهه اڳيان آئي، عوام اڳيان ۽ سياسي قوتن جي پويان هئڻ وارو گمان پيدا ٿيو.
هم نے سوکھی ہوئی شاخوں پہ لہو چھڑکا تھا
پھول اب کے بھی نه کِھلتے تو قيامت ہوتی. (مير)
(مير جو اهو شعر سائين محمد علي شاهه نالي)
نوجواني: هن ڏاڪي تي جذباتيت سان گڏ فهم ۽ سنجيدگي به پنهنجي رنگ ڏيڻ شروع ڪيو .درياءُ ۽ تحريڪ جي حق ۾ دانشور پرت پنهنجي انگ اکرن سان ۽ سياسي پرت پنهنجي عزم سان اڳتي وڌندي نظر آيا. عوام جي لڳاتار شموليت ۽ اخلاقي سهڪار سان ڪُن جو حجم ويو وڌندو ۽ ان جي ڪڙڪاٽن ۾ رياستي بيانيو پهرين ڌڪ سان وڃي پاتال پيو. ائين نظرياتي فتح ۽ خوداعتمادي کي ماڻيندي تحريڪ اڃا زور ورتو. مامرو دريا ۽ زمين بابت آئيني ۽ قانوني ڪيس کان سياسي مزاحمتي ڪيس ڏانهن تبديل ٿيندو ويو. جنهن جو پڙاڏو هاڻ سنڌ کان ٻاهر دريا دوست قوتن ۾ به ٻڌجڻ لڳو. سياسي اتحادن جي سوال ۽ اهميت زور وٺڻ شروع ڪيو ۽ جنهن کي تحريڪ ۾ شامل هر طبقي جي سياسي قوتن پنهنجي حساب سان ڪنائڻ ۽ جوابڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها ڪوشش تاحال جاري آهي. دريا جي سوال، هن ڏاڪي تي ساڄي ۽ کاٻي ڌُر کي ڪنهن اتحاد ۾ گڏ کڻي نه به ڪيو هجي پر انهن کي مشاورت لاءِ گڏ ويهڻ ۽ ان هڪ نقطي تي هلڻ لاءِ مجبور ضرور ڪيو آهي. ان صورتحال ساڳي وقت کاٻي ڌُر کي پڻ ماضي جي رسمي ۽ غير عضووياتي اتحادن کان مٿڀرو ٿي، نئين سر پاڻ کي ڏسڻ ۽ منظم ٿيڻ لاءِ پئي اُتساهيو آهي. ڇاڪاڻ ته کاٻي ڌُر لاءِ مامرو صرف حڪومت ۾ چهرن جي تبديلي ۽ ڇهه ڪينالن جي فيصلي جي واپسي جو نه پر درياءُسان گڏ زمين بچائڻ جو، SIFC جهڙن ادارن جي خاتمي جو، ۽ حتمي مقصد طور رياست ۽ نظام جي ساختياتي تبديلي جو پڻ آهي. هن ڏاڪي تي خوداعتمادي سان سرشار پرت، وڪيلن جي نوجوان قيادت جو ڪردار اهم رهيو جن ايس ايس پي جي تبادلي جي ننڍي مقصد کي ماڻيو هو ۽ دريا ۽ زمين جي سوال تي هاڻ پنهنجي قوم سان گڏ بيهڻ جو طئه ڪيو هو. ڪراچي بار، ٻٻرلو وٽ ڌرڻي جي فيصلي تي عمل لاءِ ڪالهه ڪراچي کان نڪتل آهي ۽ ان کي گهٽ وڌ سمورين متحرڪ سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي. ٻٻرلو تائين سندن پنڌ ۽ اتي مستقل ڌرڻو تحريڪ جي عوامي اظهار کي اڃا هڪ نئون موقعو ڏيندو.
جواني: جيئن ته دريا ۽ زمين کي خطرو سياسي آهي تنهنڪري انهن جو بچاءُ به سياسي عمل ۾ ٿيندو. ٻين لفظن ۾ هن تحريڪ جو فيصلي ساز مرحلو ۽ دنگل سياسي ميدان ۽ مزاحمت ۾ طئي ٿيڻو آهي. ان تحريڪ پنهنجي جنم، ٻاروتڻ ۽ نوجواني جي عمر جو پنڌ تمام ٿوري عرصي ۾ پورو ڪيو آهي پر ان اڃا جواني جي چائنٺ نه آهي ٽپي. جتي گڏيل مزاحمت انفراديت مٿان، سياسي بصيرت جذباتيت مٿان، قبوليت رد مٿان، عواميت گرهويت مٿان هڪ امڪان طور حاوي ٿيندي. اهي خاصيتون يا گڻ تحريڪ ۾ ٻاهران ڪونه ايندا پر ان جي اندران ئي پيدا ٿيندا جيئن جيئن تحريڪ رياست جي ٽڪساٽن کي منهن ڏيندي تجربيڪار ٿيندي ويندي. اڃا ته رياست ڪنهن وقت ان تحريڪ جي پاسن تي ته ڪڏهن مرڪز تي دٻاءُ وڌو آهي پر تحريڪ مجموعي طور تي دٻاءُ کان محفوظ رهي آهي. اها صورتحال گهڻو عرصو ڪونه هلي سگهندي. رياست هڪ پاسي ڏانهن پير پوئتي ڪندي (شايد ڪينالن وارو فيصلو واپس وٺي به) پر ٻي پاسي ڏانهن حملي آور ٿيندي ڇو ته سنڌ جي هي اڀرندڙ تحريڪ ڪينالن جي فيصلي کي واپس وٺڻ سان به ماٺي ٿيڻ جهڙي نه آهي. سو رياست جي حملي آور ٿيڻ، ٻاهرين ۽ اندرين خطرن کي منهن ۽ قربايون ڏيڻ جي عمل ئي هي تحريڪ جواني جي چائنٺ ٽپندي ۽ اهو تحريڪ جي عمر جو اهو حصو اڃان ڊگهو ٿيڻو آهي.
کاٻي ڌُر جي ڪارڪنن ڏانهن: آزادگي جون سموريون سياسي ڪوششون ڪيڏيون به شعوري ڇو نه ڀاسن پر مارڪس مطابق هڪ طبقاتي سماج ۾ لاشعور جي اهميت غالب رهي ٿي. سرمايي ۽ پورهيي جي تضاد جو معروضي منطق اسان کان اسان جي چونڊ جي حساب ۾ ڪردار طئه ڪرائي ٿو. ڪارپوريٽ ڪينالائيزيشن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي پاليسي ٿُلهي ليکي، مقامي سول، عسڪري (رياست) ۽ عالمي گهڻ قومي ڪمپنين ۽ سامراجي سرمائي جي حق ۾ جيڪڏهن آهي ته ان خلاف سنڌ جي قومي عوامي مزاحمت سماج ۽ پورهيي جي حق ۾ آهي. ان حقيقت کان ته قومي عوامي سياسي قوتون اڳ کان ئي روشناس هيون ته درياءُ جو سوال اسانجو قومي سوال ڀل هجي پر اهو ماحول جي سوال وانگي، قومي دائري ۾ حل ٿيڻ جوڳو ڪونهي. ڇو ته دريا هڪ عضووياتي ڪُل آهي جيڪو صرف پُڇڙي کان ڪونه بچي سگهندو. کاٻي ڌُر جي ڪم سان گڏ، ڀلو ٿئي رياست ۽ پنجاب اندر ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي تضاد جو جنهن سبب سنڌ جي بيانيي کي سنڌ کان ٻاهر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قبوليت ملي رهي آهي. تحريڪ جي هن ڏاڪي تي ملڪ جي سمورن دريا ۽ ماحول دوست ڌرين کي هڪ ڪرڻ لازمي آهي. تحريڪ جي حجم ۽ معيار کي واڌائڻ ئي هن وقت جي گهرج آهي ، ان لاءِ وسيع النظر ۽ وسيع القلب ٿيڻ جي به ضرورت آهي. دريا جي بچاءُ لاءِ ساڄي ڌُر سان ويهڻ ۾ ڇرڪ کائيندڙ تنظيمي ۽ نظرياتي نرگسيت هڪ اهڙو روڳ آهي جنهن کي لينن کاٻي ڌُر جي ٻاراڻي بيماري سڏيو هو. ساڳي وقت پاپولزم جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ کان بچڻ پڻ ضروري آهي. اهڙين حالتن ۾ مضمون ’مارڪسزم جا ٽي سرچشما‘ ۾ لينن جا اهي تاريخي لفظ بوشڻ ۽ رئي سان ٻڌي ڇڏڻ جهڙا آهن ته ” عوام هميشه دوکي ۽ خود فريبي جو بيوقوفاڻو شڪار ٿيندو رهندو جيسيتائين هو مذهبي، سياسي، سماجي جملن، اعلانن ۽ واعدن پُٺيان طبقاتي مفادن کي سمجهڻ نه ٿو سِکي“. اسان جي اڳيان بربريت ۽ برابري ٻنهي جا امڪان آهن. سنڌ هڪ اهڙو خطو آهي جتي جيڪڏهن رياست جهوڪ جهڙي بربريت به ڪري ته سماج لطيف جهڙو ماڻهو پيدا ڪري صدين تائين برابري، انصاف ۽ آزادي جي آدرشن کي سائو ڪري ويندو آهي. سو هلندي هوت پنهون ڏي، ڀئو ڀيلڻ جو وقت آهي. تاريخ اسانجي حق ۾ آهي.