اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جو ”خوني روڊ“ اٽڪل ٻه هزار جانيون ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن کي هاڻي هاءِ وي بڻائي رهيا آهيون، اسلام آباد ۾ جناح اسڪوائر انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ روڊن جي رٿائن جي مخالفت ڪندڙ تنگ نظر ماڻهو آهن، هن چيو ته ڪراچي، قلات، خضدار ۽ ڪوئيٽاکي ڳنڍيندڙ شاهراهه جو منصوبو اعليٰ معيار موجب مڪمل ڪيو ويندو، ٻن سالن دوران اٽڪل 300 ارب رپين جي لاڳت سان اِها رٿا مڪمل ڪئي ويندي، بلوچستان جي عوام کي اهڙي منصوبي جي ضرورت هئي، جيڪو سمورن قومن جي دل جي آواز هجي، اين ايف سي اوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو به ٻيڻو ڪيو ويو آهي، حڪومت ۽ پاڪ فوج جو ويزن آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ٽيم ورڪ سان معيشت کي استحڪام مليو آهي ۽ هاڻ ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي آهي. بهتر حڪمت عملين جي نتيجي ۾ پاڪستان جي عالمي درجي بندي ۾ بهتري آئي آهي.