جماعت اسلامي پاران وڪيلن جي ڌرڻي جي حمايت جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ رڪارڊ لاٿ باوجود حڪومت پاران عوام کي رليف نه ڏيڻ ۽ ڪڏهن بجلي سستي ته ڪڏهن وري بلوچستان ۾ موٽروي ٺاهڻ جي نالي تي ٻه نمبري ڪرڻ کي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت جي دعويدار نام نهاد حڪومت پاران صدارتي آرڊيننس ذريعي پيٽروليم مصنوعات تي وڌيڪ 08 رپيا ليوي ٽيڪس لڳائڻ پ پ ۽ (ن)ليگ جي منهن تي زوردار چماٽ آهي. هوڏانهن ڪاشف سعيد شيخ سنڌوءُ مٿان نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيل برادريءَ پاران ٻٻرلو بائي پاس تي رٿيل ڌرڻي جي حمايت جو اعلان ڪندي جماعت اسلامي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته هوءَ وڪيل برادري جي قافلن جو هر شهر ۾ استقبال ۽ ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.