عمرڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار صبا ٽالپر ڪامياب، لال مالهي جو احتجاج

  1. عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفي مھر) اين اي 213 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار صبا ٽالپر ڪامياب ٿي وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ، جي ڊي اي جي گڏيل اميدوار لال مالهي81 هزار ووٽ کڻي ٻئي

    نمبر

    تي رهيو. نواب يوسف ٽالپر جي وفات سبب خالي ٿيل سيٽ اين اي 213 تي پ پ اميدوار صبا ٽالپر 164788 ۽ جي ڊي اي ۽ گڏيل جماعتن جي اميدوار لال مالھي 81247 ووٽ کنيا.  هوڏانهن  جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار لال مالهي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو الزام هنيو، جڏهن ته لال مالهي جا حامي روڊن تي نڪري آيا ۽ ڊي آر او آفيس ٻاهران ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي لال مالھي چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري نتيجا تبديل ڪيا آهن، ڌانڌلي جي جاچ تائين نتيجا روڪيا وڃن. هن چيو ته پوليس ايس ايس پيز ڊي آر او آر او سميت سڀ ڌانڌلين ۾ ملوث آھن. لال مالھي اڄ ڌانڌلين خلاف ضلعي ۾ شٽربند ھڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو .

  2. پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ چڪريون، جيالو آپي مان نڪري ويو

عمرڪوٽ:اين اي 213 جي چونڊ دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ جھڙپون ٿيون ۽ نعري بازي ڪئي وئي. پولنگ اسٽيشن گڻيش مالھي گورنمينٽ اسڪول تي پ پ جو جيالو آپي مان نڪري ويو پ پ جيالو پي ٽي آئي جي گاڏي تي حملو ڪندي سندس ڪار کي لتون هنيو ويون جنھن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنھن تي سڄاڻ ڌرين سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي تنقيد ڪئي جڏهن ته گاڏي ۾ عورتون به ويٺل هيون جيڪي ووٽ ڏيڻ لاءِ وڃي رهيون هيون ۽  جهيڙي دوران پوليس پهچي وئي جنهن بعد مامري کي حل ڪيو ۽ گاڏي کي روانو ڪيو ويو

  1. پ پ وارن کي عوام رد ڪري چڪو آھي: حليم عادل

عمرڪوٽ: پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ اين اي 213 تي ٿيندڙ چونڊ مھم جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عوام پنھجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي پ پ وارن کي عوام رد ڪري چڪي آھي پر ھي ڌانڌلي ڪري اچڻ ٿا چاھين جيڪڏھن نتيجا تبديل ڪيا ويا ته  پوءِ  دما دم مست قلندر ٿيندو ھن چيو ته پولنگ اسٽيشن تي ووٽرن درياءُ  بچايو تحريڪ جي اميدوار کي ڪامياب ڪرايو پر ھنن يوسي چيئرمينن کي استعمال ڪري ٺپا ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي ھن چيو ته پ پ وارن سنڌين جي حقن ڌاڙو ھنيو آھي عمرڪوٽ جي تاريخ ھنن کي سنڌ دشمنن قرار ڏئي ڇڏيو آھي

  1. لال مالهي ۽ يوسي چيئرمين ۾ چڪريون، ڌانڌلي جي ڪوشش دوران جملن جي ڏي وٺ

 عمرڪوٽ:اين اي 213 تي چونڊ دوران ڪنري تعلقي جي يوسي نبي سر جي پولنگ ابراھيم رند تي يوسي چيئرمين امير حسن خاصخيلي مبينا طور ڌانڌلي ڪرڻ وقت پ پ مخالف آزاد اميدوار لال مالھي پولنگ تي پھچي ويو ايس ايس پي اعجاز شيخ جي موجودگي ۾ اپوزيشن اميدوار لال مالھي ۽ يوسي چيئرمين امير حسن خاصخيلي وچ ۾ لفظي ڏي وٺ ٿي جنھن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنھن ۾ لال مالھي چيو ته تون مون تي ڀلين گوليون ھلاءِ پر ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏيندس ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب پولنگ تي ووٽ ڪاسٽنگ جو عمل رڪجي ويو .

  1. ووٽ ڪاسٽنگ تمام گهٽ رهي

  2. عمرڪوٽ:اين اي 213 تي ٿيل ننڍي چونڊ پولنگ وقت ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جو سلسلو شروع ٿيو مجموعي طور ٽرن آئوٽ شرح ووٽ ڪاسٽنگ دوران گھٽ رھيو
  3. ٽالپر خاندان عمرڪوٽ جي عوام جو ٿورائتو آهي: نواب تيمور ٽالپر

عمرڪوٽ: اين اي 213 تي ٿيندڙ چونڊ مھم ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي ايندڙ چونڊ نتيجن ۾ پ پ کي ملندڙ ڪاميابي بابت صحافين سان ڳالھائيندي پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر چيو آھي ته اسان ٽالپر خاندان عمرڪوٽ جي عوام جا شڪر گذار آھيون جو اسان کي وري به ليڊ ڏني آھي ان کان اڳ ۾ منھنجي والد نواب يوسف ٽالپر سامهون شاھ محمود قريشي بيٺا ھئا تڏھن به وڏي ليڊ ملي ھئي ھن چيو ته مخالفن ھڪ ڪوڙو ڊرامو ٺاھي پ پ جي ووٽرن کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام ھاڻ سجاڳ ٿي چڪي آھي ۽ ھنن کي رد ڪري ڇڏيو آھي .ھن وقت مخالفن 6 ڪئنالن وارو اشو کنيو ھو جيڪو به بلاول ڀٽو ھن کي رد ڪندو ۽ جيڪو اميدوار ھن وقت پ پ جي سامھون بيٺل آھي ھن کي سياست به نواب يوسف سيکاري آھي جيڪو اڄ نواب خاندان جي سامھون بيٺل آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي جو ھن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.