ڪراچي / حيدرآباد /سکر (نمائندا) سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف اڄ سنڌ بار ايسوسيئيشن ۽ ڪراچي بار پاران ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ قومي شاھراھ بند ڪري سنڌ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪئي ويندي، ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي مان وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو ۽ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي، بئريسٽر ارشد شر، ملير بار جي صدر ارشاد شر، جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو،مجيب مشوري جي اڳواڻي ۾ روانا ٿي ويا، قافلي جو ملير ڪورٽ، قائدآباد، ڀينس ڪالوني موڙ، رزاق آباد، اسٽيل ٽائون ۽ گھگھر پھچڻ تي شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي، گلشن حديد ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن آڌرڀاءُ ڪيو، ان موقعي تي صنعان خان قريشي “عوامي آواز” سان ڳالھائيندي چيو تھ مان جس ٿو ڏيان وڪيل برادري کي جيڪي سنڌ جي اھم مسئلي تي ٻٻرلو باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي رهيا آهن، جسقم سندن ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ٿي ڪارڪن ڌرڻي ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪن، ان موقعي تي عامر نواز وڙائچ چيو تھ سنڌو درياهه اسان جي جياپي جو مسئلو آھي جنھن جي پاڻي تي ڌاڙو اسان کي ڪنھن بھ صورت ۾ قبول نھ آھي، وفاقي سرڪار کي چتاءَ ڏنو آهي تھ سنڌو درياهه تي ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺن ٻي صورت ۾ تحريڪ تيز ڪئي ويندي، ڌرڻي ۾ ھزارين وڪيل شرڪت ڪندا، ٻٻرلو جي ميدان تي دمادم مست قلندر ٿيندو، ڪئنالن جو فيصلو واپس وٺڻ تائين ٻٻرلو تي ڌرڻو جاري رھندو، ڀلي ڪجھه به ٿي وڃي ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، قافلي جي ڌاٻيجي ۾ سڪندر جمالي، حافظ غلام حسين پنهور، عظيم سولنگي، ايوب انڙ، حبدار شاهه سميت شهرين شاندار آجيان ڪئي، گھارو، گجو، مڪلي، ٺٽي شھر سميت مختلف ھنڌن تي شھرين توڙي سياسي، سماجي تنظيمن پاران وڪيلن جو شاندار استقبال ڪندي سنڌ دشمن منصوبا نامنظور جا نعرا هنيا ويا، قافلي ۾ ٺٽو، سجاول، بدين جا وڪيل به شامل ٿي ويا، ٺٽو پريس ڪلب پهچڻ تي صدر اقبال جاکرو ۽ صحافين سميت شھرين ۽ واپارين وڪيلن جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن چيو ته سمورن معاملن جي جڙ 26ھين آئيني ترميم آھي، 26ھين آئيني ترميم، پيڪا آرڊيننس، تڪراري ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي اهي منصوبا ڪنھن به ريت قبول ناھن، حڪمرانن کي پرامن طريقي سان منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، حڪمران ھوڏ تان نه لٿا ته سنڌ جي سمورين عدالتن جي ڪارروائين جو بائيڪاٽ وارو آپشن پڻ موجود آھي، حيدرآباد جي رپورٽر موجب ڪراچي مان نڪتل وڪيلن جو قافلو نعرن جي گونج ۾ حيدرآباد پهتو ته حيدرآباد جي وڪيلن سميت سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ قومپرست ڪارڪنن قومي شاهراهه تي پهچي ڀرپور استقبال ڪيو ۽ اڳواڻن مٿان جي گلن جي ورکا ڪري کين اجرڪن، لونگين ۽ گلدستن جا تحفا پيش ڪيا ويا، سوين وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جو صدر اشعر مجيد کوکر، جنرل سيڪريٽري مسعود رسول بابر ميمڻ، ڪي بي لغاري، اندرجيت لوهاڻو، اياز تنيو ۽ ٻيا عهديدار پڻ حيدرآباد باءِ پاس قومي شاهراهه تي موجود هئا، ڪراچي کان نڪتل قافلي جي حيدرآباد پهچڻ شرط ئي ٻٻرلوء باءِ پاس تي ڌرڻي ۾ شرڪت جي تياري ڪري ويٺل حيدرآباد جا وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن پنهنجين گاڏين سميت قافلي ۾ شريڪ ٿي ويا ۽ قافلو پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويو، خيرپور ضلعي بار جي صدر اعجاز علي چانڊيو، جنرل سيڪريٽري وڪيل محمد جمن سھتو، نجيب الله، عبدالغفار مهر ۽ ٻين چيو آهي سنڌ جي وسيلن تي ٻين کي قابض ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ درياهه مٿان 6 ڪئنال ٺهڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي ٻٻرلو وٽ ڌرڻو تاريخي هوندو، خيرپور جي وڪيل اڳواڻن سيف رحمان شاھ، علي احمد ميمڻ، فياض خميساڻي، سجاد سولنگي، شھمير احمد ڦلپوٽو، جاويد ڦلپوٽو، فيروز بلوچ، ماجد ڦلپوٽو ۽ ٻين چيو ته ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ته اڄ ئي ڌرڻو معطل ڪنداسين، ٻي صورت ۾ ڌرڻو تيستائين جاري رهندو جيستائين نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويندو، سکر جي وڪيلن سردار الاهي بخش، انيل ڀٽي ۽ ٻين وڪيل برادري جو هي احتجاج اصل ۾ هڪ اجتماعي احتجاج جي علامت آهي، سنڌ جي قافلن جي ڀرپور آجيان ڪئي ويندي.