اسلام آباد(م ڊ) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽیشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) موجب ملڪ ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ وڏي پيماني تي اضافو ٿيو آهي. ايس آءِ ايف سي جي جاري ڪيل پڌرائي۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 41 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوء سيڙپڪاري 1.6 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي. ايس آءِ ايف سي جي پڌرائي ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته توانائي، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جو رجحان وڌيو آهي. ٻڌايو ويو ته نار وارن ملڪ جي سيڙپڪاري سبب پاڪستان جا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025 ۾ معدني سيڙپڪاري جا موقعا اجاگر ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.