نصيرآباد (رپورٽ:بشيراحمد بروهي) تعلقه بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي تڪراري ڪئنالن، پيڪا ايڪٽ ۽ 26 آئيني ترميم خلاف لڳايل ڌرڻي کي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو آهي ته تيريزيد جو نشان آهي، ان دور ۾ ھڪ يزيد ھئو، پر اڄ ڪيترائي يزيد اچي ويا آهن، ھن واضح چيو ته اسان کي نه تير کپي نه ئي تلوار کپي اسان کي مُڪي جي ضرورت آهي، ھن چيو ته مان ھنن ظالمن کان اقتدار کسي اوهان جي قدمن ۾ رکندس، ظالمن کي ڀڄڻ جو رستو نه ڏينداسين، اڄ اسان سڀ متحد آھيون، مان توهان جو آهيان توهان منھنجا آهيو، ساھ جي آخري پساھ تائين اوهان لاءِ وڙھندس، اڄ شهيد بشير خان قريشي، سائين جي ايم سيد، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جا وارث جاڳي پيا آهن، اسان ھنن کي ڀڄڻ نه ڏينداسين، پيڪا ايڪٽ فقط سنڌين ۽ زرداري مخالفن لاءِ ناھي، سنڌ به فلسطين جيان شهيدن جو ديس آهي،اسان جي لکين ماڻهن سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ جانيون ڏنيون،پاڪستان اسان کي ڇا ڏنو؟حڪمرانن اسان جي شهيدن جو سودو ڪيو،اسان جي درياهه جو سودو ڪيو،اسان ته ڀٽو جا اصل وارث آهيون پر سنڌ جا حقيقي وارث اوهان عوام آهيو، هن چيو ته عمران خان گرفتار آهي،هن جا ماڻهو ڄمي بيٺل آهن، لکين ماڻهو هن نظام خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، هن چيو ته هاڻي تنگ ٿي ويا آهيون هن نظام مان، پنهنجي سنڌ لاءِ وڙهنداسين، هن چيو ته گذريل مهيني رمضان هو،روزن ۾ ماڻهن احتجاج ڪيو،عيد جا ٽئي ڏهاڙا به ماڻهن سخت گرمي ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج جاري رکيو، ھن چيو ته سنڌو درياهه مٿان اڏجندڙ 6 تڪراري ڪئنالن خلاف جدوجهد جاري رھندي، ظالم حڪمرانن کي ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين،اڄ مولوي،پنڊت،هاري،مزدور سڀ گڏ ٿي ويا آهن،ذوالفقار جونيئر ڌرڻي ۾ سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور،جيئي سنڌ،جيئي عوام جا نعرا هڻايا، ان کان اڳ تعلقه بار ايسوسيئيشن نصيرآباد پاران سنڌو درياهه مٿان اڏجندڙ 6 تڪراري ڪئنالن ،پيڪا ايڪٽ ۽ 26 آئيني ترميم خلاف جونيئر ذوالفقار ڀٽو، ھاء ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي صدر اظھر عباس سولنگي، ايڊوڪيٽ محمد بخش واھوچو، ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول ڪورٽ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ، قومي عوامي تحريڪ ،عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، ناري جمهوري محاذ، پ پ شھيد ڀٽو ،سنڌي ھاري تحريڪ، جمعيٿ علماء اسلام، جسقم بشير خان قريشي، جسقم آريسر، سنڌي ھاري تحريڪ، پ ٽ الف، گسٽا، جماعت اسلامي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي.۽ اڳواڻن خطاب ڪيو