پنجاب ٽي پي لنڪ ذريعي 3 هزار 881 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ لڳو

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سنڌ حڪومت جي طرفان ارسا کي خط لکي احتجاج ۽ سخت اعتراض ڪري تڪراري تونسا پنجند ڪئنال بند ڪرڻ جي گھر ڪرڻ جي باوجود پنجاب زبردستي تونسا بئراج وٽان نڪرندڙ تڪراري تونسا پنجند ڪئنال کولي ان ذريعي سنڌ جي حصي مان 3 ھزار 881 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ لڳو. جڏهن ته ھن وقت سنڌ ۾ خريف جي پوکائي کان پھرين پاڻيء جي شديد کوٽ ايتري ته وڌي وئي آهي جو پيئڻ جيترو به پاڻي ناهي بچيو. گڊو بئراج جا چار ڪئنال جنهن ۾ بي ايس فيڊر ڪئنال، ڊيزرٽ پٽ فيڊر ڪئنال، گھوٽڪي فيڊر ڪئنال جڏهن ته سکر بئراج جا ساڄي پاسي واراکير ٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال پڻ بند پيل آهن. سکر بئراج جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ نارا ڪئنال ۾ 8ھزار ڪيوسڪ روھڙي ڪئنال ۾ 8ھزار ڪيوسڪ ايسٽ ڪئنال ۾ 1220ڪيوسڪ ايسٽ ۾ 1010ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي . گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 27ھزار799ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو پڻ ساڳيو آهي سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 24 ھزار 860ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪري ۾ ڪوٽڙي بئراج جي لاءِ 6ھزار 630ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.