مصطفيٰ عامر ڪيس:عدالت حتمي چالان جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ  جي جج شهزاد خواجا جي عدالت ۾ مصطفي عامر قتل ڪيس ۾ ڪامران قريشيجي خلاف غير قانوني هٿيار۽ منيشات واري ڪيس ۾ پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عبوري چالان پيش ڪيو، عدالت حتمي چالان جمع ڪرائڻ لاءِ 5ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي، چالان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدارکان هڪ 9ايم ايم پستول، 2پاسپورٽ،2شاختي ڪارڊ، 3ڊرائيورلائنسس ۽ 4 اي ٽي ايم ڪارڊ مليا آهن ،هڪ پاسپورٽ ارمغان جي نالي جو آهي، 5موبائل فون ۽ ٻه هزار روڪ رقم به ملي آهي، جوابدار کان هٿيار جو لائنسس گهرايو جيڪي پيش نه ڪيو آهي، فرائزڪ جي رپورٽ کان پوءِ حتمي چالان پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.