حڪمران پنهنجي آخري وارو سمجهندي هر شيءُ ڦٻائيندا پيا وڃن: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته "لڳي ٿو ته شايد انهن کي به خبر آهي ته هي سندن آخري وارو آهي، تنهن ڪري جيڪو هٿ اچي سو گڏ ڪري وٺو. صحافڻ نسيم زهره جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته "هڪ شو پرفارمنس ٿيندي آهي جنهن ۾ توهان ايئر ايمبولينس خريد ڪندا آهيو، پر جيڪڏهن پنجاب ۾  هر ضلعي اسپتال کي عام ايمبولينسون ڏنيون وڃن ها ته ڇا اهو وڌيڪ بهتر نه هجي ها؟ توهان رڳو پنجاب ۾ پرفارم ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته  مسلم ليگ (ن) جي اڳ ۾ اها پاليسي هئي ته اسان ڪم ڪندا آهيون ۽ ڪرپٽ نه آهيون، پر اڄ پنجاب ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي، مان اهو بيان نٿو ڪري سگهان.اها مسلم ليگ نه آهي جنهن جو وزيراعليٰ شهباز شريف هو ۽ هاڻوڪو شهباز شريف به اهو نه آهي جيڪو نواز شريف هو. هاڻ ته شهباز شريف تابعداري کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.