پوليس کي ڪنهن اختيار ڏنو ته ماڻهن کي گنجو ڪري وڊيو وائرل ڪري: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ قصور ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گرفتاري کانپوءِ سندن وڊيو سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا ته پوليس کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو ته ماڻهن کي گنجو ڪري وڊيو سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪريو. وڊيو وائرل ڪرڻ بابت ڪيس ۾ توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي ضيا باجوا ڪئي. جسٽس علي ضيا باجوا پڇيو ته هن ملڪ ۾ ڪو قانون بچيو آهي يا نه؟ وڊيو ۾ ڀارتي فلم جي ڪلپ مڪس ڪري پوليس جي آفيشل سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي وئي. عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب به پيش ٿئي ۽ ٻڌائي ته دنيا ۾ ڪنهن حراست ۾ ورتل جوابدار کي وائکو ڪرڻ جو قانون موجود آهي؟ عدالت ڊي آءِ جي کي اڄ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آءِ جي واقعي جي رپورٽ پيش ڪري. عدالت جاچ آفيسر، ڪانسٽيبل ۽ ايس ايڇ او کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي چيو ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي ڇو نه پوليس وارن کي 6 مهينا جيل موڪليو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.