ڪراچي(م ڊ)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مالياتي حب آهي،صوبائي حڪومت ڪراچي جي انفراسٽرڪچر تي ڌيان ڏئي ۽ ڪي فور منصوبي تي ڪم ڪري، پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبرن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي عالمي معيارن تي عملدرآمد لاءِ به ڪارپوريٽ سيڪٽر جي مدد وٺنداسين،حيدرآباد سکر موٽروي تي 2025ع ۾ ئي ڪم شروع ٿيندو،ٽن سالن ۾ اهو منصوبو به مڪمل ڪيو ويندو،هن چيو ته سنڌ ۾ ڪئنالن تي ٿيندڙ احتجاج سياسي تماشو آهي،سنڌ ۾ ڪجهه قوم پرست ۽ هارايل ڌريون احتجاج ڪري رهيون آهن،انهن ڌرين جي تماشي سبب پيپلزپارٽي کي به ردعمل ڏيڻو پوي ٿو،هن چيو ته ڪئنالن تي جلساجلوس ڪرڻ ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي،ڪو به صوبو ٻئي صوبي جي پاڻي جي حصي مان هڪ ڦڙو به نٿو کڻي سگهي،صوبن ۾ تڪرار نبيرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا موجود آهن،خوراڪ ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ قومي مفاد وٽان فيصلا ڪرڻا پوندا،هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان چئني صوبن جي مفادن جو امين آهي،هو پنجاب، سنڌ، بلوچستان، ڪي پي جو وزيراعظم آهي،هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ جا چئلينجز درپيش آهن،ايندڙ وقت ۾ ڪڏهن تمام گهڻي ٻوڏ ته ڪڏهن ڏڪار هوندو،ان ڪري اسان کي قومي مفادن ۾ فوڊ ۽ واٽر سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل ۽ چئني صوبن جي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا،اسان پاڻي ۽ خوراڪ جهڙن مسئلن تي سياست ڪئي ته پوءِ تاريخ جو جبر اسان کان 10 سالن بعد اهو ڪجهه ڪرائيندو جنهن جي اڄ شايد اسان اميد نه پيا ڪريون،انهن کي فني بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو،هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪو به اهڙو قدم نه کڻندي جنهن سان سنڌ يا ڪنهن ٻئي صوبي جي مفادن کي نقصان پهچي،