غزا ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف پاڪستان ۾ ڪي ايف سي برانچن تي حملا

راولپنڊي/ميرپورخاص (م ڊ/بيورو) غزا تي اسرائيلي ظلم جي رد عمل ۾ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ پرڏيهي فاسٽ فوڊ چينز ڪي ايف سي جي برانچن تي حملا ڪيا پيا وڃن. اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز پڻ وائرل ٿي رهيون آهن. راولپنڊي ۾ اهڙي ئي حملي کانپوءِ ڪي ايف سي جي برانچن تي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي. وائرل وڊيوز ۾ حملي آورن کي ڏنڊا ۽ فلسطين جا جهنڊا ڏسي سگهجن ٿا. حملي آورن عملي کي ڪو نقصان نه پهچايو پر آيل ماڻهن کي واپس گهر وڃڻ جو چيو. پوليس کي گهرائڻ تي حملي آور فرار ٿي ويا. ميرپورخاص ۾ مڇريل ماڻهن پاران ڪي ايف سي برانچ تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ باهه ڏيڻ، پوليس تي فائرنگ، پوليس گاڏين کي نقصان پهچائڻ ۽ اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس پوليس پاران دهشتگردي ايڪٽ تحت 14 ڄاتل ۽ 150 کان 200 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. واقعي جي مک جوابدار طلحا سميت 37 جوابدارن کي اي ٽي سي عدالت پيش ڪيو ويو جن مان 16 جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو جڏهن ته 26 جوابدارن کي 4 ڏينهن رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو. گرفتار ڪيل جوابدار عبدالسلام کي طبي بنيادن تي ڪيس مان خارج ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتاريون سي سي ٽي وي فوٽيج جي بنياد تي ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.