سنڌين جا ھٿ توھان جي ڳچين ۾ پيا ته ڏکيا ٿي پوندئو، ڪئنالن کان مُڙي وڃو: اياز لطيف

ٻھارا / ميرپور ساڪرو / ٺٽو (رپورٽ: احمد علي خاصخيلي/ عبدالرزاق ڪلمتي / منصور جلالاڻي) سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن ٻهارا ۾ ريلي ڪڍي جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، ضلعي اڳواڻن ممتاز شيخ، حبيبﷲ پليجو، امين جوڻيجو، وڪيو ميربحر، غفور سومرو،جلال پليجو، غني مالهيو، شفيع پليجو، جميل پالاري، صوفي يوسف، علي محمد هولاڻي، شفيع ميمڻ، مقبول خليفو، سومار اوٺو، مٺن پليجو ۽ ٻين به شرڪت ڪئي، ھزارين ماڻهن درياھ واري موري کان ٻھارا شھر تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ جي وک وک تي گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو، پيادل مارچ جڏهن ٻھارا شهر پھتو جلسي شڪل اختيار ڪري ويو، ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته ھن وقت سنڌين جا ھٿ نعرن ۽ جھنڊن لاءِ اڀا آھن، جي اھي ھٿ ڦري توھان جي ڳچين ۾ پئجي ويا ته ڏاڍا ڏکيا ٿي پوندئو، انڪري مُڙي وڃو، اوھان کي ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻو پوندو! توھان عزت سان رد ڪيو، يا پنجن ڇھن مھينن کان پوءِ بڇڙا ٿي رد ڪيو، حڪمرانن کي پنج ست ڪروڙ عوام چند شرپسند ڏسڻ ۾ ٿا اچن، ھنن جي ذھنيت جنرل ضيا واري ساڳي آھي ٽڪي جو به ھنن ۾ ڦيرو يا تبديلي نه آئي آھي، درياهه کي بند ڪرڻ ھنن جي اختيار ۾ ئي نه آھي، اسين پيغام اھو ڏيڻ نڪتا آھيون ته مايوس ناھي ٿيڻو، جدوجهد جاري رکڻي آهي، ڪينالن سميت سڀ عوام دشمن منصوبا ختم ٿيندا، رُڳو ثابت قدميءَ سان ڄمي بيهو ۽ سنڌ ھن وقت ڄمي بيٺي آھي، سنياسي بنگالي بابائن مان جان ڇڏايو ڪينال موت جو پروانو آھن، ھي سنڌ جو شعور اوھانکي پاڻي تي ڌاڙو ڪون ھڻڻ ڏيندو ۽ ھي اھو سنڌ جو شعور آھي جيڪو اوھان سان مزاحمت ڪندو، پيپلزپارٽي پارٽي جا حڪمران اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ سنڌ جي  سنڌو درياءَ تي حملا ڪرائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.