اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل رقم پهريون ڀيرو 4 ارب ڊالرن جي حد پار ڪري وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مارچ 2025 دوران ٻاهران آيل رقم جو مقدار 4.1 ارب آمريڪي ڊالر هو، جيڪو پهريون ڀيرو هن حد کي پار ڪيو آهي. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته سالياني بنيادن تي ٻاهران آيل رقم ۾ 37.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ مهيني جي بنيادن تي ترسيلات ۾ 29.8 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي.ٻئي پاسي وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران ترسيلات زر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن به هڪ مهيني ۾ 4 ارب ڊالر پار ڪرڻ حڪومتي پاليسين تي اعتماد جو عڪس آهي