مقصود گل ــ ياد گھر

تحرير: ياسر قاضي

اڄ 15 اپريل آهي. سنڌ جي صاحبِ طر ز ۽ ڪلام توڙي قلم تي قدرت رکندڙ شاعرَ، عالمَ، سچل سائينءَ جي شارحَ ۽ مترجمَ، نقادَ، ڪهاڻيڪارَ، ٻارن جي اديبَ، استادَ، صحافيءَ، ايڊيٽرَ، ڪالم نويس، استاد ۽ چترڪار ــ مقصود گل جو 75يون جنم ڏينهن، جيڪو اسان کان 10 سال اڳ 65 ورهن جي ڄمار ۾ 14 فيبروري 2015ع تي وڇڙي ويو ۽ اڄ جيڪڏهن حيات هجي ها ته سندس عمر 75 ورهيه هجي ها. سنڌ جا ناميارا اديبَ، دانشورَ، مقصود گل صاحب جا همعصر شاعر توڙي نقادَ هر سال سندن خاص ڏهاڙن تي کيس ياد ڪري سندس تخليقن تي ته ڳالهائيندا رهندا آهن، پر اچو ته اڄ ورق در ورق ورائي سندس زندگيءَ جي ڪجھه دلچسپ واقعن کي ياد ڪري کين سندن جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪريون. جن منجھان ڪي واقعا هلڪا ڦُلڪا ۽ نمڪين آهن، ته ڪي پنهنجي مقصديت ۾ نهايت ڳُوڙها.

پنهنجو نسل ڳڙڪائيندڙ جي نشاني:

مقصود صاحب اڪثر مڇيءَ جو مثال ڏئي چوندو هو ته ان مان کِکي انڪري ختم نٿي ٿئي، جو اها پنهنجي برادريءَ کي پاڻ ٿي کائي. ننڍي مڇي سدائين وڏي مڇيءَ جو کاڄ بڻجي ٿي. جيڪو به پنهنجي برادريءَ کي پنهنجو لقمو بڻائيندو، بدبُوءِ ان جو مقدر هوندي.

پيار سمجھه ۾ ناهي ايندو:

مقصود گل صاحب يار ويس ۽ رابطن جو ڏاڍو پابند هو. سموريءَ سنڌ ۾ ڦهليل پنهنجن دوستن، واسطيدران ۽ چاهيندڙن سان خط و ڪتابت، موبائيل ڪال يا ميسيج رستي سدائين ڳنڍيل رهندو هو. ۽ آءٌ ان جي بنهه ابتڙ… ۽ ويجھن ترين رشتن توڙي دوستن سان به ڪڏهن ڪڏهن رابطو رکندڙ. اڪثر دوستَ مقصود صاحب جي معرفت مون سان رابطو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا هئا، جن جو سنئون سڌو مون سان رابطو ڪونه ٿي سگھندو هو. هڪ ڀيري اهڙي ئي ڪنهن دوست جو نمبر مونکي ڏيندي چيائين: ”وقت ملي وَ ته هن دوست سان رابطو ڪجو! توهان کي ڏاڍو ياد ڪندو آهي ۽ توهان سان ڏاڍو پيار به ڪندو آهي.“ مون ڪن سببن جي ڪري ان شخص لاءِ کين چيو: ”بابا، مونکي ان جو پيار سمجھه ۾ ناهي ايندو!“ ته مرڪي وراڻيائون: ”پيار به ڪا سمجھه ۾ اچڻ جي شئي آهي ڇا! جيڪا سمجھه ۾ نه اچي، ان کي ئي ته پيار چئبو آ!“

لاهُه؟ يا چاڙهه؟

بر مهل جملي بازيءَ ۾ مقصود گل صاحب جو جواب نه هو. اڪثر دوست ڪچهريءَ ۾ کل ڀوڳ دؤران جي مقصود صاحب کي ڪنهن دوست لاءِ چوندا هئا ته ”سائين، هي ته وڏو لاهُه آهي!“ ته مقصود صاحب ٺهه پهه چوندو هو: ”ابا! لاهُه هجي ته به منهن ڏجيس. لهواري پاڻيءَ سان نبرڻ سؤلو! هي ته ’چاڙهه‘ آهي. سو هِنَ کي ’لاهُه‘ نه پر ’چاڙهُه‘ چئو!“

ٿورائتو؟ يا گھڻائتو؟:

اهڙيءَ ريت ڪئين ڀيرا مون اهو نوٽ ڪيو ته ڪنهن دوستَ، مقصود گل صاحب جي ڪا مهرباني مڃيندي، پنهنجو هٿ پنهنجي سيني تي رکي کين چيو هجي: ”سائين! مان اوهانجو ٿورائتو!!“ ته مقصود صاحب موٽَ ۾ پنهنجا ٻئي هٿَ پنهنجي سيني تي رکي کيس ورندي ڏيندو هو: ”سائين، مان اوهانجو گھڻائتو.“

پهريون دوست سندن اهڙي غير متوقع جواب تي جيڪڏهن مُرڪي ڏيندو هو يا ان ’گھڻائتي‘ لفظ جِي وضاحت گھرندو هو ته گل صاحب چوندو هو: ”سائين اوهانجا مون تي ٿورا الاهي ’گھڻا‘ آهن… ڪي ٿورا ناهن. انڪري مان اوهانجو ’ٿورائتو‘ نه پر ’گَھڻائتو‘ آهيان.“

ڳاڙهو رنگ ــ انقلاب جو رنگ:

پاڻ 1995ع ۾ رتيديري ۾ پنهنجي والد جي نالي سان ”عبدالحيّ قاضي ماڊل اسڪول“ قائم ڪيائون، جنهن ۾ شهر جو هر ننڍو وڏو شهري پنهنجا ٻارَ شوق توڙي دلچسپيءَ سان داخل ڪرائيندو هو، ڇاڪاڻ ته کين پڪ هوندي هئي ته مقصود صاحب جهڙي اعليٰ پايي جي تعليمدان جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ اسڪول ۾ سندن ٻارن کي نه رڳو تعليمَ، پر مثالي تربيت به ملندي. اسڪول جي شروع وارن سالن ۾ ئي نامياري قومي اڳواڻ بشير قريشيءَ پنهنجا ٻه ٻار اسڪول ۾ داخل ڪرايا. جن مان هڪ جسقم جو اڄوڪو چيئرمين، صنعان قريشي ۽ ٻي سندس ڀيڻ مارئي هئي. بشير قريشي پاڻ مقصود گل صاحب جي والد بزرگوار ــ قاضي عبدالحيّ ”قائل“ صاحب جو شاگرد هو ۽ مقصود گل صاحب کي به پنهنجي استاد جيتري تعظيم ڏيندو هو ۽ ساڻس نوڙي ملندو هو. صنعان ۽ مارئي انتهائي ابتدائي ڪلاسن (نرسري ڪي جيءَ کان ئي) مقصود صاحب جي اسڪول ۾ پڙهيا. هڪ ڀيري اسڪول ۾ امتحانن کانپوءِ نتيجي جي اعلان ۽ هر ڪلاس ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعامن ورهائڻ جي ننڍڙي تقريب ٿي رهي هئي. جنهن ۾ جڏهن ننڍڙي صنعان جي رزلٽ جو اعلان ٿيو ۽ هو رپورٽ ڪارڊ وٺڻ لاءِ اڳيان آيو ته مقصود صاحب پهرين نتيجي وارو رپورٽ ڪارڊ کيس هٿ ۾ ڏنو. پوءِ کيس انعام وارو گفٽ پيڪ ڏيڻ لڳو، جنهن ۾ هڪ ڪاپي (نوٽ بُڪ)، پينسل، رٻڙ ۽ پينسل جو گورو ڪڍڻ وارو سانچو (شارپنر) هو، جيڪو نيري رنگ جو هو. مقصود صاحب باقي سڀ شيون صنعان کي ڏنيون ۽ پنهنجي نياڻيءَ نائله گل ”سپنا“ (جيڪا کيس اهي تحفا ڏيڻ ۾ مدد ڪري رهي هئي) کي چيو ته ”ڳاڙهي رنگ جو شارپنر آهي؟ اهو ڏي!“ نائله کيس ڳاڙهو شارپنر ڏنو ته مقصود صاحب اهو صنعان کي ڏنو ۽ پنهنجي منهن آهستي چيو: ”بشير خان جي پُٽَ کي انقلابي رنگ جو تحفو ڏيڻ گھرجي.“

اَڇا سڻڀا وارَ، مڇرن لاءِ ڪشش جو باعث!؟

نوان جتوئيءَ جو حافظ محمّد بخش خاصخيلي، مقصود صاحب جي حُجائتن سنگتين منجھان هو. هُو ٻئي جنهن به تقريب ۾ گڏبا هئا، سندن دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٻڌڻ وٽان هوندي هئي. 1998ع جي ڊسمبر جي هڪ سرد رات ۾ شاهه حسن واري منڇر جي ڪپ تي سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ پاران منڇر سيمينار ۽ مشاعرو ڪوٺايو ويو هو. جنهن ۾ مقصود گل صاحب سان گڏ مون به شرڪت ڪئي هئي. اديبن کي جوهيءَ ۾ گڏ ٿيڻ جي ڪانڍ هئي، جتان سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ جي دوستن (عزيز ڪنگراڻيءَ، جاني اسحاق ملاح ۽ اسحاق سميجي وارن) هڪ مني بس ڀاڙي ڪرائي هئي، جنهن تي سڀ اديب چڙهي، ڪاڇي جا لَڪَ لنگھندا سانجھيءَ ڌاري اچي ’شاهه حسن‘ ڪناري سجيلَ پنڊال ۾ پهتاسين. تن ڏينهن تائين شاهه حسن تي اڃا بجلي فراهم ڪانه ٿي هئي ۽ هن تقريب جا سمورا انتظام جنريٽر تي ڪيا ويا هئا. سج لهڻ کانپوءِ پنڊال ۾ روشني ڏسي شاهه حسن سميت پسگردائيءَ جي ڳوٺن جي سمورن مڇرن صلاح ڪري اچي پنڊال تي چڙهائي ڪئي. اڃا سيمينار شروع ڪونه ٿيو هو. پنڊال جي هڪ ڪنڊ ۾ مقصود گل صاحب، سائين راشد مورائي، سائين مير محمّد پيرزادو، سائين تاج صحرائي، احمد خان مدهوش، سائين الهه نواز رڪڻائي ويٺا هئا، جن سان ٻيا ڪئين نؤجوانن به ويٺل هئا. سڀني ويٺي مڇرن مان نجات حاصل ڪرڻ جا ٽوٽڪا هڪٻئي سان ونڊي وقت پئي گذاريو. ايتري ۾ رجب آزاد سولنگيءَ هڪ نسخو ٻڌايو ته ”منتظمين کي کپي ته هڪ اخبار کي گيهه ۾ مڪمل ٻوڙي، ان کي شامياني جي ڪنهن ڏنڊي تي ڪوڪي سان لڙڪائي ڇڏين، ته سڀ جا سڀ مڇرَ پنهنجو پاڻ ان کي چنبڙي پوندا ۽ جيئن جيئن چِنبڙندا ويندا، مَرندا ويندا.“ تنهن تي مقصود گل صاحب دير ئي نه ڪئي، موقعو هٿان نه وڃايو ۽ پنهنجي حُجائتي دوست حافظ محمّد بخش (جيڪو پنهنجن ڊگھن گھاٽن اڇن ڇَتن / وارن سبب مشهور هو) کي پنهنجي ڀوڳ جو نشانو بڻائيندي چيو: ”اخبار جي ان پَني تي گيهه هڻڻ جو خفو ۽ خرچ ڇو ڪجي! ساڳيو ڪم حافظ جا وار به ڪري سگھن ٿا. جھجھا به آهن ۽ انهن ۾ تيل به خاشو لڳل آ! بس رڳو حافظ پنهنجي مٿي تان اجرڪ جِي ٻوڪِي لاهي!“ اها ڳالهه ٻڌي ان ننڍڙي مجمع ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ خود حافظ محمّد بخش، مقصود صاحب سان کِلي تاڙي ملائي.

گُلڙن جِي پُوڄا:

هڪ دفعي ناميارو شاعر، اديب ۽ مقصود گل صاحب جو ديرينه دوست، ادل سومرو منجھند ڌاري مقصود گل صاحب سان رتيديري سندن گھر ملڻ آيو. مانجھاندي تي ڳچ دير ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪچهري هلي. جنهن کانپوءِ ٽنپهرن کان اڳ ۾ جڏهن ادل سائين وڃڻ لڳو ته گھر کان ٻاهر نڪرندي مقصود گل صاحب کيس وڏي پيار سان پنهنجي اڱڻ ۾ رکيل ڪونڊيُون ۽ انهن ۾ ڦُٽلَ تازا گُل ڏيکاريا ۽ گل ڏيکاريندي گد گد ٿي، پنهنجو ئي شعر پڙهيائين:

جي خوشبُوءِ گھر ۾ وَڌائڻ گُھرو

چون ٿا ته گلڙن جِي پُوڄا ڪجي!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.