لنڊن (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف افغانستان کان دهشتگردن کي لغام ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمون ۽ دهشتگردافغانستان مان ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله افغانستان ۽ پاڪستان کي پاڙيسري بڻايو، هاڻي فيصلو ڪرڻو آهي ته سٺن پاڙيسرين وانگر رهڻو آهي يا، خدا نه ڪري، تڪرارن سان گڏ رهڻو آهي. افغان حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو ويو آهي ته دوحا معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته اهي دهشتگردن کي افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پاڪستان جو عوام، پاڪستاني هٿياربند فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون ضايع نه وينديون. ٻئي پاسي هڪ بيان ۾ وزيراعظم ايران جي صوبي سيستان ۾ 8 پاڪستانين جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي ايراني عملدارن کان حملي آورن جي فوري گرفتاري ۽ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته گڏجي دهشتگردي خلاف مضبوط حڪمت عملي تي عمل ڪرڻو پوندو. هن پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته پاڪستانين جا مڙهه آڻڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.