مٺي(رپورٽ:غازي بجير)عوامي تحريڪ ٿرپارڪر پاران مٺي شهر جي هاءِ اسڪول گرائونڊ ۾ جشن لطيف ۽ سنڌو درياءَ بچايو جلسهعام ٿي گذريو پروگرام ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمرہ سمون،عوامي تحريڪ مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، اديب ۽ شاعر مير حسن آريسر، ڊاڪٽر دلدار لغاري،نويد ڪلهوڙي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته جدوجهد جو دائرو وڌائي دريا لاءِ لطيف جو پيغام کڻي ويڙهه ڪبي،ديال صحرائي چيو ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌي قوم کي تباھ ڪرڻ جي سازش آهي. عمرہ سمون چيو ته لطيف جو پيغام کڻي سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ سنڌياڻيون ويڙه ڪنديون.اديب ۽ شاعر مير حسن آريسر چيو ته پوري سنڌ هن وقت مزاحمت ڪري پئي لال جروار چيو ته سنڌو مان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ڪڍڻ نه ڏبا.جلسي ۾ عام ماڻهو شريڪ، نعرن سان پنڊال گونجي ويو. مشهور راڳي زوار فقير ،شڪيلان نون، ڀڳڙو ناچيز، ديال ولاسائي، دليپ دوشي ۽ ٻين قومي انقلابي گيت پيش ڪري پنڊال کي جھومائي وڌو.