ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان گذريل سال نومبر ۾ هڪ اهڙي شخص سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي جيڪو هاڻي اعليٰ اختيارين سان تازي مشاورت جو حصو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، اِها مشاورت، عمران خان جي آزادي ۽ پي ٽي آءِ ۽ سگهارين ڌرين وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ممڪن طريقا ڳولڻ بابت ٿي رهي آهي.
دي نيوز ذريعن جو حوالو ڏيندي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته آمريڪي پاڪستانين جو هڪ گروپ گذريل مهيني (مارچ) جي ٽئين هفتي دوران عمران خان سان ڳالهين کان اڳ اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ هڪ اهڙي شخص وچ ۾ ڳالهيون ٿيون هيون، هاڻي اِهو همراهه تازين ڳالهين ۽ مشاورت جو حصو آهي.