ايندڙ مهيني کان مهانگائي ۾ تيزيءَ سان واڌ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد مهانگائي وڌڻ جي رفتار ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ايندڙ مهيني کان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو.
ڪراچي ۾ پاڪستان ليٽريسي ويڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته 2022 دوران اسان کي ڏکين حالتن جو منهن ڏسڻو پيو، مهانگائي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو هو، انهن مسئلن سبب مٽا سٽا ناڻي جا ذخيرا ٻن هفتن جي درآمدات برابر رهجي ويا هئا.
هن چيو ته اسان جا ايڪسچينج ريٽ پنجاهه سيڪڙو تائين تنزلي جو شڪار ٿي ويا هئاسين، اسان انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ وسيع خال پڻ ڏٺو، جنهن کانپوءِ اسان مختلف قدم کنيا.
گورنر جميل احمد وڌيڪ چيو ته اسان سخت پاليسي جوڙي ۽ درآمدات تي پابندي مڙهڻ سبب وياج جي شرح وڌائڻ پئي، مارچ 2022 ۾ 0.7 سيڪڙو جي گهٽ ترين مهانگائي رڪارڊ ٿي، پر ايندڙ مهيني کان مهانگائي وڌندي.
هن چيو ته اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ گذريل سال خساري ۾ هو، پر هن سال سرپلس ۾ آهي، ان سموري صورتحال باوجود اسان ڪرنٽ اڪائونٽ کي سرپلس رکڻ ۾ ڪامياب رهيون آهيون ۽ ايڪسچينج ريٽ پڻ ساڳين پاليسين سبب مستحڪم رهي ٿو، انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ جو فرق پڻ گهٽجي ويو آهي.
جميل احمد وڌيڪ ٻڌايو ته پرڏيهي ادائيگيون 26 ارب ڊالر آهن جن مان 16 ارب رول اوور يا ري فنانس ٿينديون، جڏهن ته باقي 10 ارب مان 8 ارب جي ادائيگي ڪري چڪا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.