حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر چيو آهي ته صدر آصف زرداري ۽ بلاول چئي چڪا آهن ته ڪئنال نه ٺهندا، هاڻ آخري دم تائين وڙهنداسين. 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي جي ٿيندڙ جلسي جي تيارين جي سلسلي ۾ حيدرآباد ڊويزن جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن سان گڏجاڻي جي لاءِ راول هائوس راهوڪي پهتي. گڏجاڻي کانپوءِ جلسي کي پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام ڪئنالن واري منصوبي کي مڪمل طور رد ڪري ٿو هي منصوبو سنڌ جي زمين، فصلن ۽ پاڻيءَ جي حق تي ڌاڙو آهي. هن چيو ته 18 هين اپريل تي حيدرآباد ۾ تاريخي عوامي اجتماع ٿيندو، جتي سڄي سنڌ مان ماڻهو پنهنجي پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ گڏ ٿيندا. هن چيو ته اسان شهيدن جا جنازا کنيا آهن، قربانيون ڏنيون آهن ۽ هاڻي به اسان آخري دم تائين وڙهنداسين. صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول پارليامينٽ ۽ عوامي سطح تي هن تڪراري منصوبي جي مخالفت ڪئي آهي، هي مسئلو صرف سنڌ جو نه پر سڄي پاڪستان جو آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه وفاق جي علامت بڻي. پيپلز پارٽي چئني صوبن جي زنجير آهي. اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ته سنڌ کي پاڻي نه ملي ۽ ماڻهو اڃارا رهن. جلسي کي سينيئر اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته ڪينال جو مسئلو صرف زراعت جو نه، پر سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام جي جيئڻ مرڻ جو مسئلو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي جي روزگار جو واحد ذريعو زراعت آهي، جيڪڏهن پاڻي نه مليو ته عوام فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي تڪراري ڪينالن جي تعمير ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ ڏيندي. هن 18 اپريل جي جلسي کي ريفرينڊم قرار ڏيندي چيو ته عوام پنهنجي عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ڀرپور شرڪت ڪري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي سڄي قيادت سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪري. پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو ته هڪ ڪئنال تي 7 ڪروڙ عوام کي قربان نٿو ڪري سگهجي، سنڌ جا وڪيل، شاگرد ۽ سمورن طبقي جا ماڻهو هن منصوبي خلاف احتجاج تي آهن. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته حيدرآباد جي عوام هميشه پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هن دفعي به 18 اپريل جو جلسو تاريخ هوندو. هن چيو ته صدر زرداري پارليامينٽ ۾ نه رڳو ڪينال جي منصوبي جي مخالفت ڪئي، پر هميشه سنڌ جي حق لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته عوام جو پيپلزپارٽي سان صرف ووٽ جو نه، پر پيار جو به رشتو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ عوامي حقن جي جنگ جاري رهندي.