ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاران اسرائيلي ظلمن خلاف 22 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان شاهراهه فيصل تي غزا يڪجهتي مارچ کيخطاب ڪندي چيو ته مسلمان حڪمرانن کي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، تاريخ مان سبق سکندي اسلامي ملڪن کي فلسطين جو ساٿ ڏينو پوندو، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ڪردار ادا ڪن. ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي فلسطينين سان ايڪي جي اظهار لاءِ ملين مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي. حافظ نعيم چيو ته اسرائيل غزا ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ۽ اولهه جا اڳواڻ خاموش آهن. اسان آمريڪا ۽ اسرائيل جي مذمت ڪريون ٿا، ان سان آمريڪا سامهون جهڪيل ماڻهن کي تڪليف آهي. آمريڪا ۾ به 50 سيڪڙو ماڻهو فلسطين جا حامي آهن. حافظ نعيم صلاح ڏني ته سڀني اسلامي ملڪن جي فوجن جو اجلاس گهرايو وڃي، ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ آواز اٿارين. هن چيو ته حڪمران بزدلي ڏيکارين ٿا ته معيشت ڪمزور ٿي ويندي، حڪمران آواز اٿارين، وزيراعظم کي چوان ٿو ته زباني ڳالهين سان ڪجهه نه ٿيندو، اجلاس گهرائي.
ڪراچي( رپورٽر) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسرائيل ڪو ملڪ ناهي، هن فلسطين جي زمين تي قبضو ڪيو آهي. آمريڪا ۽ يورپ ظالم جي حمايت ۾ پنهنجو مؤقف اختيار ڪيو آهي، جلسي مان اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته مظلوم فلسطيني اڪيلا ناهن۔ 27 اپريل تي لاهور ۾ فلسطين مارچ ڪيو ويندو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته غزه جي 60 هزار ماڻهن جي شهادت به حڪمرانن کي نه جاڳائي سگهي، امتِ مسلمه کي هاڻ حڪمرانن جي پرواهه کانسواءِ اٿڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏھن ڪو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو سوچي به رهيو آهي ته اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏي، اسرائيل سان معاشي لاڳاپا قائم ڪرڻ ڪنهن لاءِ به آسان نه هوندو. ڪراچي ۾ شاهراهه قائدين تي اسرائيل مخالف مارچ کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عوام، فلسطيني ڀائرن کي حوصلو ڏنو آهي، اسان رت جي آخري ڦڙي تائين فلسطيني عوام سان گڏ رهنداسين. هن چيو ته اسرائيل خلاف ھڪ وڏو سيلاب بڻجي بيهڻو پوندو، ڇو ته اسرائيلي وزيراعظم پاڻ چيو آهي ته "اسان کي سڀ کان وڏو خطرو پاڪستان کان آهي۔” ان موقعي تي مولانا راشد محمود چيو ته هزارين ماڻهن جي اسرائيل مخالف مارچ ۾ شرڪت ٽرمپ لاءِ به هڪ پيغام آهي۔ هن چيو ته اهو پراپيگنڊه ڪيو وڃي ٿو ته فلسطيني پنهنجون زمينون يهودين کي وڪرو ڪيون، پر حقيقت اها آهي ته 1917ع ۾ رڳو 2 سيڪڙو علائقي تي يهودي آباد هئا، پوءِ ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته فلسطينين پنهنجون زمينون وڪرو ڪيون؟ 1948ع تائين به رڳو 6 سيڪڙو حصي تي يهودي فلسطين ۾ رهندڙ هئا۔ مولانا فضل الرحمان چيو ته عالمي عدالت انصاف اڳ ۾ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهاري آهي. ان موقعي تي راشد محمود سومرو چيو ته هو سنڌ جي هارين لاءِ وڙهندو، ڪراچي ۾ ٽينڪر مافيا خلاف به وڙهندو، سنڌ ۾ زميندارن جي حڪمراني نه رهندي. جي يو آءِ جي فلسطين مارچ ۾ ”ڪئنال نامنظور“ ” سنڌو تي ڌاڙو نامنظور“ پاڻي خاطر جهيڙو آ جا به نعرا هنيا ويا.