ڪراچي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ عيد گاھه ٿاڻي جي حد رنڇوڙ لائين جي اولڊ سٽي ايريا ۾ جوبلي مارڪيٽ ويجهو موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار محمد ايوب شهيد ٿي ويو، شهيد پوليس اهلڪار چاڪيواڙه پوليس ٿاڻي ۾ مقرر هو ۽ صفورا چوڪجي علائقي جو رهواسي هو،  فائرنگ جي واقعي کان اڳ شهيد پوليس اهلڪار هڪ برياني سينٽر مان برياني جو پارسل آرڊر ڪري رهيو هو. هٿياربند جوابدارن شهيد پوليس اهلڪار جو هٿيار کسي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ايس ايس پي سٽي موجب پوليس فائرنگ واري واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ورتي آهي، فائرنگ جو واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ يا ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو.پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. ٻئي طرف ايڊيشنل آءِ جي پوليس اهلڪار جي شهادت جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سٽي کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.