حيدرآباد(رپورٽر) ”ڪينال سمورا نامنظور, درياھه تي ڌاڙو نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور” جهڙا نعرا سنڌ ۾ هاڻ شادين جي خوشي وارين تقريبن ۾ به گونجڻ لڳا آهن، گهوٽ ۽ ڪنوار گڏجي اهڙا نعرا هڻي سنڌ ۽ سنڌو درياهه سان عشق ۽ محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. اهڙي ئي شادي جي هڪ تقريب حيدرآباد ويجهو پٻڻ واري علائقي ۾ ٿي آهي, جتي گهوٽ عاطف ملاح ۽ ڪنوار ثمرين خاصخيلي ڃاڃين ۽ پنهنجن گهرڀاتين سان گڏجي ڪينال سمورا نامنظور, درياهه تي ڌاڙو نامنظور, ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور جهڙا نعرا هڻي ڪاڄ کي احتجاج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ تمام گهڻي وائرل ٿي آهي. ان کان اڳ به اهڙين شادين جون ڪجهه وڊيوز سامهون اچي چڪيون آهن. سنڌ ۾ اهو رواج به پئجي چڪو آهي ته شادي جي دعوت واري ڪارڊ تي ڪينال سمورا نامنظور نعرو لکيو پيو وڃي. شادين جي تقريبن دوران سهرن ۽ لاڏن سان گڏ سنڌوء جي تحفظ جا نعرا پيا لڳن. سوشل ميڊيا تي اهڙي شادي جي تقريب واري وڊيو شيئر ڪندي لکي رهيا آهن ته سنڌ دشمن ڏسي ڇڏين سنڌ جا ماڻهو پنھنجي درياھه جي تحفظ ۽ زمين لاءِ پنھنجي خوشين جي ڏھاڙن کي به درياھه جي نالي ڪري ڇڏين ٿا.