ايران آمريڪا ڳالھين ۾ ڪو ٺاھ ٿيڻ ممڪن آھي ؟\ٿر جي مورن ۾ بيماري ۽ ھرڻ جو ڪيل شڪار

آمريڪا جي ايران کي ڏنل ڳالھين واري آڇ ۽  لڪل ڌمڪي بعد ڇنڇر ڏينھن عمان جي گادي واري هنڌ مسقط ۾ آمريڪا ۽ ايران ۾ جڏھن  ايٽمي ڳالهين جو پهريون دور ٿيو. عين  ان وقت عمان ۾ ماڻھو فلسطين جي حق ۾ مظاھرو ڪري رھيا ھئا.سموري عرب دنيا تھ آمريڪا سان گڏ آھي پر عرب جو عام ماڻھو  فلسطين سان گڏ بيٺو آھي.

 ڳالهين ۾ ايراني وفد جي اڳواڻي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي وفد جي اڳواڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندي  اسٽيو وٽڪوف ڪئي.ميڊيا موجب ايران کي ٻڌايو ته ممڪن هجي ته وچ ۾ اختلاف کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو وڃي.ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي ارنا  مطابق ڳالھين ۾ مثبت ماحول ۾ ٻنھي ڌرين پنھنجن موقف ۽ ٻين معاملن تي بحث ڪيو.ڌرين ۾ ڳالھين جو ٻيو دور ايندڙ ڇنڇر ڏينھن  ٿيندو. ڳالهين جو مقصد ايران جي تڪراري ايٽمي پروگرام تي هڪ نئون معاهدو ڪرڻ آھي.

ڊونلڊ ٽرمپ 2018 ۾ ڇهھ ڌري ٺاھ مان نڪري، ايران تي  اقتصادي پابنديون بحال ڪيون ھيون.ھاڻوڪين ڳالهين جي ناڪامي جي صورت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ  ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي ڌمڪي به ڏني آهي.ايران جي دعويٰ آهي ته سندس ايٽمي پروگرام شهري مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو. ان ھوندي آمريڪا ۽ اسرائيل کي خطرو محسوس ٿيندو رھيو آھي.ان ڪري ايران تي دٻاءَ وڌو ويندو رھيو آھي.

 ايران  بابت خيال آھي تھ اھو  2002 کان ڳجهي ايٽمي  سگهھ حاصل ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪري رھيو آھي.آمريڪا ۽ سندس اھم اتحادي اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ھئڻ ڪري پھرين تھ اھي ھڪ ٻئي تي ڀروسي لاءِ پنھنجي طور تي ڪي خاطريون ڪندا. ٻيو تھ ٻھ قدم اڳتي ۽ ھڪ قدم پوئتي جي پاليسي اختيار ڪندي ايران ھن صورتحال ۾ ڪنھن معقول ٺاھ تي راضي ٿيندي نظر اچي رھيو آھي، ڇاڪاڻ جو  وچ اوڀر جي صورتحال ۾ ايران بھرحال عالمي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو آھي، ٽيون اھو تھ معاشي دٻاءِ جو شڪار آھي.ان کانسواءِ آمريڪا جي اھا چال تھ ڳالھين ناڪام ٿيڻ تي فوجي ڪارروائي ٿيندي، ان حوالي سان ھن وقت ڪنھن بھ ريت ڪو بھ ملڪ سڌي ريت آمريڪا سان جنگ ڪرڻ نھ چاھيندو .آمريڪا ۽ ايران  ڳالھيون ڪجهھ وقت  وٺنديون پر غالب خيال آھي تھ ايران ڪنھن ٺاھ تي راضي ٿي وڃي. ايران موقعي مان فائدو وٺڻ چاھيندو،سفارتي ميدان ۾ ھڪ مڃيل  ايران ،آمريڪا کان ايٽمي پروگرام تان ھٿ کڻڻ يا پوئتي ھٽڻ لاءِ  رعايتون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ماھرن جو چوڻ آھي تھ اھو ئي بھترين عمل ھوندو،جنھن سان وچ اوڀر ۾ ڪنھن حد تائين ٺاپر پڻ ايندي.

ٿرپارڪار آڳاٽي سنڌ جو ھڪ جيئرو جاڳندو ثقافتي ورثو آھي، پر ڪجهھ وقت کان بي رحم موسم۽  فطرت جا دشمن انھن اڻلڀ جانورن ۽ پکين کي ناقابل تلافي نقصان ڏئي رھيا آھن.چوڻ جي لاءِ سنڌ ۾ حڪومت آھي ۽ ان جو قانون لاڳو ٿئي ٿو پر قانون جي اثرائتي عمل نھ ھجڻ سبب فطري سونھن کي اھڙو نقصان ٿي رھيو آھي.جنھن جو ڪو مثال نٿو ملي.جھنگلي جيوت کاتي جا عملدار ھڪ تھ فطري سونھن کي بچائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نٿا ڪن ٻيو تھ شڪارين کي بچائڻ ۾ پورا ھوندا آھن.

تازو ٿر جي سونھن ۽ انتھائي ناياب پکي مور ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر بيماري پکڙجي وئي آھي.مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي تھ مور پکي اکين کان انڌا ۽ ٽنگن کان منڊا ٿي ڪري تڙپي تڙپي مري رھيا آھن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تھ ڏيپلو شھر ۽ ان جي آسپاس ۾ اھڙا واقعا ٿي رھيا آھن،ڳوٺ ارجڪ ۽ ٻين ڳوٺن جي ڳوٺاڻن موجب ھن ڀيري موسم جي تبديل ٿيڻ سان ئي مور پکين ۾ اھا بيماري پکڙي وئي آھي.نتيجي ۾ ھڪ ئي ڏينھن ۾ 10 کان وڌيڪ موري پکي مري ويا آھن ۽ ڪيترائي ان بيماري ۾ وٺجي ويا آھن.ڳوٺاڻن جو خيال آھي تھ اھا کيت راڻي بيماري آھي يا ان بيماري جو ٻيو ڪو قسم آھي.جنھن ڪري ڳوٺاڻن ۾ ڳڻتي جي لھر پيدا ٿي وئي آھي،ھنن لاڳاپيل کاتي تي غفلت جو الزام ھنيو آھي تھ جھگلي جيوت کاتو ان سلسلي ۾ ڪو بھ قدم کڻڻ لاءِ تيار نھ آھي.ڳوٺاڻن جو  مطالبو ڪيو آھي تھ ٿر جي فطري سونھن کي بچائڻ جي لاءِ سرڪاري کاتي کي ان بيماري کان بچائڻ لاءِ فورن تحرڪ وٺڻ گھرجي بي صورت ۾ وڏي نقصان رسڻ جو خطرو آھي،

ٻئي پاسي ٿر ڊيزرٽ جيپ ۽ موٽرسائيڪل ريس جي ٻئي ڏينھن ننگرپارڪر جي علائقي ۾ ريس بھاني آيل بااثر ماڻھن رڻ ڪڇ جي ڳوٺ پاباسرو ۾باسو  واري ھنڌ ٻن ھرڻن جو شڪار ڪيو آھي، اھو واقعو ڏينھن ڏٺي جو ٿيو آھي.ڳوٺاڻن موجب ان دوران ھڪ ھرڻ زخمي بھ ٿيو آھي،جنھن جي وھندڙ رت جا نشان بھ انھن ڏٺا آھن.ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تھ ٽن ڏينھن جي ريس واري پروگرام دوران ھرڻ جي شڪار جو ھي ٻيو واقعو آھي،ٻئي پاسي ڪاورنجھر سجاڳ فورم جي اڳواڻ  مصطفيٰ دل ۽ سماجي ورڪر پونم سنگھه  ھرڻ جي شڪار جي نندا ڪندي حڪومت کان ان عمل جي خلاف ڪارراوئي جو مطالبو ڪيو آھي،.سماجي اڳواڻن الزام ھنيو آھي تھ جيپ ۽ موٽرسائيڪل ريس جي بھاني سان ھتي ايندڙ بااثر ڌريون ٿر جي ناياب جانورن کي نقصان ڏئي رھيا آھن.جڏھن تھ شديد گرمي جي موسم ۾ ننگرپارڪر جھڙي گرم علائقي ۾ ريس منقعد ڪرڻ ڪنھن بھ ريت عقلمندي جي ڳالھھ نھ آھي، ساڳي وقت ريس منعقد ڪندڙ اھم اڳواڻ ۽  عوام نمائندي ميرنادر مگسي ھھڙي گرمي ۾ ٿر جھڙي علائقي ۾ جيپ ريس منعقد ڪرڻ جي مخالفت ڪندي مطالبو ڪيو آھي تھ ريس جنوري ۾ ڪرائي وڃي.ٻئي طرف ننگرپارڪر مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سراج قاسم سومرو جو چوڻ آھي تھ جيپ ۽ موٽرسائيڪل ريس ھڪ صحتمد سرگرمي آھي، جنھن سان ٿر پروموٽ ٿئي ٿو.

اسان  ھنن سٽن ۾ سنڌ حڪومت ۽ جھنگلي جيوت کاتي جي اعليٰ عملدارن کي درخواست ڪنداسين تھ ٿر جي سونھن مور پکين ۾ پکڙندڙ بيماري جي جاچ ڪري ان کي بچائڻ لاءِ تڪڙن بنيادن تي قدم کڻن ساڳي وقت ٿر پارڪر ۾ٿيندڙ غيرقانوني شڪار جو نوٽس وٺي ڪري ذميوارن خلاف بنا ڪنھن رعايت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.