فلسطين – اسرائيل ڇڪتاڻ ۽ اسلامي ملڪن جي خاموشي

تحرير: ساحر ٻپڙ

فلسطين جي تاريخ فقط مسجد اقصيٰ يا يروشلم سان نٿي جُڙي، پر اها انسانيت جي سڀ کان پراڻي تهذيبن مان هڪ تهذيب جي نمائندگي ڪري ٿي. هتي عبراني، رومي، اسلامي، عيسائي ۽ عثماني تهذيبن جا پاڇا رهي چڪا آهن، پر 1948ع جو سال ھن ڌرتي لاءِ قيامت بڻجي آيو، جڏهن "اسرائيل” نالي هڪ رياست، يورپي سامراج جي ڇانو هيٺ عربن جي زمين تي قائم ڪئي وئي. ان وقت لڳ ڀڳ ساڍا ست لک فلسطيني بي دخل ٿيا، جن کي زوري پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان ڪڍيو ويو. تاريخ ان سانحي کي "نڪبه” (الميو) جي نالي سان سڃاڻي ٿي. جنهن ڏينهن کان وٺي فلسطيني پناهگير بڻجي ويا ۽ اسرائيل عالمي ضمير جي خاموشيءَ جو فائدو وٺندي ظلم جي بنياد تي پنهنجون پاڙون وڌائيندو ويو. برطانيا، آمريڪا ۽ ٻين مغربي قوتن جي سهڪار سان جيڪا رياست قائم ڪرائي وئي، سا بنياد کان ئي نسلي برتري، ڌاريائي پاليسي ۽ اسلامي تهذيب سان دشمني جي علامت هئي. اسرائيل جو قيام نه رڳو هڪ ڌرتيءَ جي تقسيم هئي پر اهو سڄي اسلامي دنيا لاءِ هڪ سياسي ۽ روحاني ڌڪ هو. اڄ به يروشلم جي دليون ڏاري ڇڏيندڙ تصويرن ۾، رت ۾ ٻڏل ٻار، يتيم ٿيندڙ مائرن جا سڏڪا ۽ شهيد ٿيل نوجوانن جا لاش، عالمي ضميرن جي گونگي عدالت آڏو بي آواز فرياد بڻيل آهن.

جڏهن به ڪنهن قوم کي ان جي ڌرتيءَ تان اکوڙي، ان جي ٻارن، زالن ۽ پوڙهن تي بم وسايا وڃن، ته اتي احتجاج نه پر مزاحمت جنم وٺي ٿي. فلسطين به رڳو قرباني نه بلڪه مزاحمت جي بلند ترين علامت بڻجي چڪو آهي. اڄ به جڏهن اسرائيلي بمباري غزا تي باھ بڻجي برسي ٿي، تڏهن فلسطين جا نوجوان هٿن ۾ پٿر کڻي، ٽئنڪن آڏو سينو تاڻي ڪري بيهڻ پسند ڪن ٿا پر جهڪڻ نه ٿا ڄاڻن. حماس، الجهاد الاسلامي ۽ القسام بريگيڊس جهڙيون تنظيمون، جن کي مغربي ميڊيا "دهشتگرد” سڏڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، اصل ۾ پنهنجو وطن بچائيندڙ اهڙا مجاهد آهن، جن جي هٿن ۾ نه ته ڪا فوجي طاقت آهي نه ڪو ايٽم بم، پر صرف ايمان، غيرت ۽ پنهنجين مائن جا اکين ۾ ڀريل لڙڪ آھن. جنھن جي طاقت ذريعي انهن جي مزاحمت ثابت ڪري ٿي ته هٿيارن جي جنگن کان اڳ، ضميرن جون جنگيون ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ فتح سدائين انهن جي ٿيندي آهي، جيڪي پنهنجي حق تي بيٺل هوندا آهن. غزا، جيڪا دنيا جو سڀ کان وڏو کليل قيد خانو بڻجي چڪي آهي، اتان جي هر گهٽي، هر ڀت ۽ هر ديوار مزاحمت جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿي. اتان جا ٻار به پنهنجي اسڪولن بدران، جنازن، حملن ۽ گولين جي زبان سمجهي ويٺا آهن. اسلامي دنيا جي ڪردار بابت سوال اڄ هر باشعور انسان جي ذهن ۾ آهي. اڪثر اسلامي ملڪ، خاص طور تي عرب رياستون، اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪري فلسطين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ ۾ مصروف آهن. متحده عرب امارات، بحرِين ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن جا اسرائيل سان ٿيندڙ واپاري معاهدا، غزا جي معصوم ٻارن جي رت کي سستي ۾ وڪڻڻ جي برابر آهن.

عالمي ميڊيا خاص ڪري مغربي چينلن، مسلسل هڪ اهڙو بيانيو هلايو آهي، جيڪو ظالم کي بيگناھ ۽ مظلوم کي دهشتگرد بڻائي پيش ڪري ٿو. جڏهن اسرائيل بمباري ڪري ٿو، ته خبر اچي ٿي  جڏهن فلسطين جا نوجوان پٿر اڇلائين ٿا ته خبر ايندي حماس اسرائيل تي حملو ڪيو. جڏهن هڪ ماءُ پنهنجي ٻار کي شهيد ٿيندو ڏسي ٿي ته ڪيمرائون بند آهن، پر جڏهن هڪ اسرائيلي زخمي ٿئي ٿو ته سڄي دنيا جو درد ان جي زخمن ۾ سمايل هوندو آهي. هي آهي مغربي ميڊيا جو ٻٽو معيار جنهن ۾ رت جي به قيمت رنگ سان طئي ٿيندي آهي. اقوام متحده، جنهن جو قيام ئي امن لاءِ ٿيو هو، اڄ ظلم تي خاموش آهي. ان جا اجلاس ٿين ٿا، "ڳڻتي” جا بيان جاري ٿين ٿا پر نه ڪا ڪارروائي نه ڪا روڪٿام. مظلوم مسلمانن جي رت کي "جنگي تڪرار” جو نالو ڏئي، حق تلفيءَ کي قانوني جواز ڏنو وڃي ٿو. 70 کان مٿي ريزوليشنز منظور ٿيڻ باوجود اسرائيل تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لڳائي وئي. ڪشمير، روهينگيا ۽ فلسطين بابت اقوام متحده جا بيان صرف فائيلن ۾ دفن ٿي ويا آهن.

آمريڪا پاڻ کي دنيا جو نگران ۽ انصاف جو علمبردار سڏي ٿو، پر فلسطين ۾ ان جي پاليسين جي اندر وحشت، نسلي تعصب ۽ مذهبي جنون سمايل آهي. آمريڪا هر سال اسرائيل کي اربين ڊالرز جي مالي ۽ فوجي مدد ڏي ٿو. انهن هٿيارن سان ئي غزا کي ميساري ٿو. 2001 کان پوءِ "دهشتگرديءَ خلاف جنگ” جو نالو وٺي، آمريڪا اسلامي دنيا خلاف منظم ذهني يلغار ڪئي ۽ ان بياني ۾ فلسطين جي حماس، حزب الله ۽ ٻين مزاحمتي تحريڪن کي دهشتگرد سڏڻ شروع ڪيو. آمريڪا جا صدر، سينيٽر ۽ پينٽاگون جا ترجمان، هميشه اسرائيل جي حق ۾ بيهي ڳالهائيندا آهن، ڇو ته آمريڪا جي چونڊن ۾ صهيوني لابي جو وڏو اثر آهي. ميڊيا، اسٽريٽجڪ ٿنڪ ٽينڪس ۽ اڪيڊيميا ۾ يهودي اثر تمام گهڻو آهي. فلسطين جو درد صرف اسرائيل جو ظلم ناهي، اهو هڪ منظم، گهڻ رخو ۽ مغربي حمايت سان جاري نسل ڪشي جو ڪيس آهي. جنهن ۾ ميڊيا سچ کي قتل ڪري ٿي، اقوام متحده خاموشيءَ سان جنازي تي بيهي ٿي ۽ آمريڪا رت سان هٿ ڌوئي دنيا کي چوندو آهي ته هو امن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.