ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) پ پ ايم پي اي ڄام مھتاب حسين ڏھر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل اڳوڻو ايم پي اي سردار شھريار خان شر ڄنگھه ڀڳل ھجڻ ڪري ٻن ماڻھن سهارو ڏئي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورماٿيلو ۾ پھچايو جڏھن ته پ پ ايم پي اي ڄام مھتاب حسين ڏھر به عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد 25 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شھر يار خان شر جو چوڻ هو ته مونکي سياست مان آئوٽ ڪرائڻ لاءِ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آھي.
-
پوليس صحافي جي قاتل منصور کي گرفتار نه ٿي ڪري: اي ڊي شر جا وارث
ٺري ميرواھه (رپورٽ: ايم صالح بلوچ ) ٺري ميرواھجي صحافي اي ڊي شر جي قتل جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيل نياز بادامي دستي، نعيم چنا، وقاص چنا، فھيم چنا، دانش ڀٽي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ٻه نامعلوم جوابدار به ڄاڻايا ويا آھن ۽ مک جوابدار منصور اعواڻ جو نالو بچ ڪري مارائڻ ۾ به ڏنو ويو جنھن خلاف ڪجھه ڏينھن پھريان اي ڊي شر خلاف خبرون هلايون ھيون، جنهن بعد منصور اعواڻ سري عام سوشل ميڊيا تي اي ڊي شر کي ڌمڪيون ڏنيون ھيون، اھو جوابدار گرفتار ناھي ٿي سگھيو، ھوڏانھن اي ڊي شر جي وارثن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اي ڊي شر جو مک جوابدار ايس ايڇ او ميرواھ منصور اعواڻ اڃان تائين گرفتار ناھي ڪيو اسان کي خدشو کي آھي ته انھيءَ کان ڳري رشوت ورتي وئي آھي انھيءَ ڪري انھيءَ کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي، اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ، ٻئي طرف ايس ايڇ او ميرواھ جو چوڻ آھي ته مان قرآن پاڪ تي ھٿ رکي اھو قسم کنيو آھي ته جلد منصور اعواڻ کي گرفتار ڪيو ويندو.