مهانگائي گهٽجڻ باوجود عوام کي رليف نه ملڻ تي ناڻي واري وزير کي ڳڻتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مهانگائي گهٽ ٿيڻ جو عوام کي ڪو به فائدو نه مليو آهي، جيڪڏهن انگن اکرن جو اثر عام ماڻهو تائين نه ٿو پهچي ته پوءِ ان جو ڪو فائدو ناهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيمبرز جا مسئلا سمجهون ٿا، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنداسين، واپارين جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.
هن چيو ته ملڪ جي صنعت کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، انهن جو جائزو ورتو پيو وڃي، صنعت جي واڌاري سان ملڪ به اڳتي وڌندو، اسان چاهيون ٿا ته سڀ گڏجي ملڪ جي معيشيت کي مستحڪم بڻايون.
ناڻي واري وزير چيو ته سيڙپڪارن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ۽ معاشي استحڪام لاءِ صحيح واٽ اختيار ڪرڻ ضروري آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن اسان رشوت وٺي رهيا آهيون ته ڪو نه ڪو رشوت ڏئي به رهيو آهي، تنهنڪري عوام کي گهرجي ته رشوت ڏيڻ بند ڪري.
هن چيو ته وزيراعظم رشوت واري مسئلي تي سنجيده آهي، عوام رشوت خورن جي ڳالهين ۾ نه اچي، ڪسٽمز کاتي ۾ فيس ليس ٽيڪنالاجي معتارف ڪرائي وئي آهي ته جيئن چوري ۽ رشوت آڏو بند ٻڌي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.