لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڳالهين بابت ٿيل سوالن تي وضاحت پيش ڪري ڇڏي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش فقط اعظم سواتي جي آهي ۽ ان جو پي ٽي آءِ سان ڪو به واسطو ناهي.
هن چيو ته جيڪڏهن اعظم سواتي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين ۾ ڪو رستو ڪڍي ٿو ته اِهي اصولن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن.
سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته پارٽي سطح تي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل تي ڪنهن قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي رهي. پي ٽي آءِ پنهنجي طرفان اصولن تي ٻڌل ڪو رستو اختيار ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سدائين شفاف چونڊن ۽ قانون جي حڪمراني چاهي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته ماڻهن کي اغوا نه ڪيو وڃي.
اسٽيبلشميٽ سان ڊيل جي ڪوشش اعظم سواتي جي آهي، پي ٽي آءِ جو ان سان ڪو واسطو ناهي: سلمان اڪرم
You might also like