اسلام آباد (فخردراني) پي ٽي آءِ ۽ اسٽبلشمنٽ وچ ۾ ڊيل جون خبرون گرم آهن، ٽي پاڪستاني ڊاڪٽرن جو وفد آمريڪا مان پاڪستان آيو هو جنهن اسٽبلشمنٽ سان ملاقاتون ڪيون کين عمران خان سان به ملاقات ڪرائي وئي هئي بعد ۾ هو آمريڪا واپس هليا ويا پر بيهر سندن اچڻ جا اشارا ملي رهيا آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته ڳالهيون اڳتي وڌي رهيون آهن. علي امين پاران بيان ڏنو ويو هو ته عمران خان اسٽبلشمنٽ سان ڳالهين لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ان کان پوءِ اعظم سواتي ميديا کي ٻڌايو عمران خان اسٽبلشمنٽ سان ڳالهين جو کيس ٽاسڪ ڏنو آهي. اعظم سواتي مطابق هن آرمي چيف جي استاد وسيلي رابطي جي ڪوشش ڪئي پر اها ناڪام ٿي وئي پر ٻين ذريعن سان اسٽيبلشمنٽ سان رابطن جي ڪوشش ڪئي آهي. تازو هن چيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ سان سندس رابطو بحال ٿي ويو آهي ۽ هڪ اهم شخصيت سان ڪجهه ڏينهن ۾ ملاقات ٿيڻ اوري آهي. هن مطابق اربع ڏينهن اها ملاقات ٿيندي. هن اڳوڻي صدر عارف علوي کي به پنهنجا رابطا استعمال جي درخواست ڪئي آهي. پر بطور صحافي منهنجو تجزيو آهي ته جيڪڏهن ڪي ڳالهيون ٿينديون آهن ته اهي ميڊيا ۾ ناهن آنديون وينديون اهڙيون ڳالهيون ميڊيا ۾ آڻڻ سان اهي کوکليون لڳنديون آهن. هميشه معني خيز ڳالهيون خاموشي سان ٿينديون آهن. ظاهري طور لڳي ٿو ته اهي پنهنجي مايوس ورڪرن کي اهڙيون ڳالهيون ڪري دلاسا ڏئي رهيا آهن. ميڊيا ۾ اهڙيون ڳالهيون آڻڻ غير سنجيده رويو آهي.
You might also like