ماهرن هٿراڌو ڏاهپ کي جوهري هٿيارن جي برابر خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.
ماهرن هٿراڌو ڏاهپ کي جوهري هٿيارن جي برابر خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب خبردار ڪرڻ باوجود ٽرمپ انتظاميا اڃا تائين خاموش آهي، جڏهن ته 1300 کان وڌيڪ ڪمپيوٽر سائنسدانن هٿراڌو ڏاهپ جي تيزيءَ سان ٿيندڙ ترقيءَ جي رفتار کي سست ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ٻئي طرف ٽرمپ انتظاميا جو چوڻ آهي ته هٿراڌو ڏاهپ بابت خدشا منفي قوتن جي مبالغي تي ٻڌل آهن، جڏهن ته هن شعبي ۾ اڳڀرائي حاصل ڪندڙ ملڪ پنهنجي برتري برقرار رکندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هٿراڌو ڏاهپ جي تيزيءَ سان وڌندڙ اثرن ۽ ان سان لاڳاپيل امڪاني وجودي خطرن بابت عالمي سطح تي ڳڻتي ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته آمريڪي حڪومت اڃا تائين مؤثر قانون سازي ۽ ضابطن جي حوالي سان سست رفتاري جو شڪار آهي.
رپورٽ موجب، 1300 کان وڌيڪ ڪمپيوٽر سائنسدانن هڪ کليل خط ذريعي حڪومتن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته هٿراڌو ڏاهپ جي ترقيءَ جي رفتار کي گهٽايو وڃي ۽ هن شعبي لاءِ سخت حفاظتي ضابطا متعارف ڪرايا وڃن.