پيرڳوٺ لڳ جاگيراڻي، جلباڻي تڪرار تان فائرنگ، چڱو مڙس قتل، 4 زخمي

پير جو ڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي) پيرڳوٺ ڀرسان وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد، ڳوٺ قادر بخش جلباڻي ۾ جاگيراڻي ۽ جلباڻي برادرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان ڇڪتاڻ ٻيهر تيز ٿي وئي، جنهن دوران جديد هٿيارن سان فائرنگ ٿي. فائرنگ ۾ ميڙ منٿ لاءِ آيل سولنگي برادري جو چڱو مڙس مولوي اسد الله سولنگي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته جلباڻي برادري جا ٻه نوجوان تنوير احمد ۽ محمد نواز زخمي ٿي پيا. فائرنگ روڪڻ لاءِ پهتل وڏا ماڇيون ٿاڻي جا ٻه اهلڪار نصير ميتلو ۽ اسد الله ڀيو به زخمي ٿيا. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جلباڻي برادري جي معزز شخصيت استاد پيرل جلباڻي الزام هنيو ته جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن حملو ڪيو، جڏهن ته فيصلو 24 تاريخ تي مقرر ٿيل هو. هن پوليس تي الزام هنيو ته پوليس واقعي کي روڪڻ بدران جهيڙي کي هٿي ڏئي رهي آهي. ٻئي پاسي علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار رهي، ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.