سکر/روهڙي (رپورٽ: آزاد مهر/زين ڪٽپر) روهڙي جي علائقي شرف آباد ۾ پيٽرول جي اگهه تي ٿيل تڪرار خطرناڪ جهيڙي ۾تبديل ٿي ويو، جنهن دوران سکر جي مشهور مڇي واپاري مرحوم سيٺ سڪندر ميراڻي جو 45 ورهين جو پٽ جاويد ميراڻي قتل ٿي ويو. جاويد کي لٺين سان مٿي تي سخت زخم رسيا، جنهن سبب هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. مقتول جو لاش تعلقي اسپتال مان ضروري گهرجن بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن جتوئي برادري تي سوچي سمجهي سازش تحت قتل جو الزام لڳايو آهي. پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. واقعو پيٽرول جي غير قانوني وڪري بابت وڌندڙ تڪرارن جي عڪاسي ڪري ٿو.