سنڌ واسي شهيد نذير عباسي جيان ڪئنالن لاءِ جدوجهد ڪن پيا: تاج مري

ٽنڊوالھيار (رپورٽ: حسرت لغاري) عظيم انقلابي اڳواڻ  شھيد نذير عباسي جي 72 ھين سالگرھ جي موقعي تي "سنڌو دريا بچايو ڪانفرنس” جي عنوان سان ھڪ تقريب نذير عباسي يادگار ڪميٽي طرفان نھال عباسيطرفان مقامي ھال ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب کي تاج مري خطاب ڪندي چيو تہ شھيد نظير عباسي سڄي حياتي پورھيت طبقي لاء جدوجھد ڪئي. سندس نقش قدم تي ھلندي سنڌي قوم ڪئنالن خلاف ڀرپور جدوجھد ڪري رھي آھي. ڪامريڊ رمضان ميمڻ ڳالھائيندي چيو تہ ڪئنالن خلاف جدوجھد ختم ڪرڻ لاء سنڌي قوم ۽ سنڌ واسين کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. شاھينا رمضان خطاب ڪندي چيو تہ قوم کي سمورا ويڇا وساري ھڪ مٺ ٿي ڪئنالن خلاف جدوجھد ڪرڻ لازمي ٿي چڪي آھي. ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي موجوده حڪمران غريبن ۽ پورهيتن جو رت چوسڻ ٿا چاھين. پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ ستار جروار ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي ماڻھن ھميشه ڏاڍ سامھون مڙس ٿي مقابلو ڪيو آھي .ڪامريڊ گلاب ڀيل، ايڊووڪيٽ اسلم لغاري، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، نويد ٿيٻو، نھال عباسي پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.