بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين لڳ شهر راهوڪي ۾ شهيد عوام محمد فاضل راهو جي مزار ڀرسان نوجوان جو رت ۾ لت پت ٿيل لاش مليو جنهن جي سڃاڻپ بدين واسي نوجوان اياز جوکيو طور ٿي،اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، سندس وارثن قتل جو شڪ ظاهرڪندي بدين شھر ۾ ڊي سي چوڪ تي فوتي اياز علي جوکيو جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ جوکيا برادري جي مردن عورتن ڌرڻو هڻي بدين ڪراچي روڊ بند ڪري ڇڏيو، اسماعيل راهو سميت سندس فيملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ شاهد جوکيو، ڪرمي قاضي، بچل جوکيو، اياز جوکيو جي ڀيڻ ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته اسان جي خاندان راهو برادري لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي، ابن ڏاڏن کان وٺي سندن ساٿ ڏنو آهي پر ان کي سلو اهو مليو آهي ته اسان جي نوجوانن جا اسان کي لاش ڏنا پيا وڃن ۽ ڪجھه وقت اڳ اسان جي وڏي علي احمد جوکيو جو لاش مليو ۽ اڄ وري اياز علي جوکيو جو لاش مليو، اسان کي خدشو آهي هن کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ جنهن ۾ پيپلزپارٽي جو ايم پي اي محمد اسماعيل راهو خاندان ملوث آهي، هنن چيو ته اسين اعلي اختيارين کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي نوجوان جي اڻ ڌري جاچ ڪري قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
وڏن ماڻھن وٽان تنگ دستي، مايوسيءَ کانسواءِ ڪجھه به نٿو ملي: اياز
بدين: نوجوان اياز جوکيو جي پراسرار موت بعد سندس وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جيڪو فيس بڪ تي سندس وال تي موجودآھي جنھن ۾ ھو ڪرمي قاضي ۽ سارنگ جوکيو سان مخاطب آھي، سندس چوڻ هو ته منھنجو لاش ڊي سي چوڪ بدين تي رکيو وڃي ته جيئن ماڻھون عبرت حاصل ڪن ته وفا ۽ وفاداريءَ عيوض وڏن ماڻھن وٽان سواءِ تنگ دستي، معاشي مجبوري، مايوسيءَ ۽ خودڪشي کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نصيب نٿو ٿئي، شھيد فاضل جي مزار تان منھنجو لاش کڻڻ وقت منھنجون اکيون ڪڍي وڻ تي ٽنگي ان جو رخ راھوڪي ڏانھن ڪجو، ته جيئن منھنجون اکيون شھيد فاضل جي مفاد پرست وارثن کي ٻڌائي سگھن ته اسان شھيد فاضل سان انتھا جي حد تائين عشق ڪري اوھان سان وفا ڪئي پر اوھان وٽ قدر نه ھو، منھنجي لاش کڻڻ وقت ۽ جنازي نماز توڙي منھنجن ٻچڙن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ اسماعيل راھو، اسلم راھو يا سندن خاندان جو ڪو ٻيو ماڻھو شامل نه ٿئي ۽ نه ئي اچڻ جي زحمت ڪري، منھنجي لاش جي ويجھو منھنجي رشتيدارن وفا لطيف جوکيو، شاھد جوکيو ۽ غني جوکيو کي به اچڻ نه ڏنو وڃي، منھنجو ڪو به تڏو نه ڪيو وڃي ڇو ته منھنجي گھر وارن ۾ ايتري معاشي حيثيت ناھي جو ھو تعزيت لاءِ ايندڙن جي خاطر توازا ڪري سگھن، جيترا گھڻ گھرا ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ ماڻھو آھن اھي منھنجي ٻچڙن جي مالي مدد ڪن ته جيئن ھو معاشي تنگي مان نڪري پنھنجي زندگيءَ جيءُ سگهن.
اياز جو لاش سندس والد علي احمد جوکيو جي قبر ڀرسان مٽي ماءُ حوالي
بدين: ڪجھه ڪلاڪن جي ڌرڻي کان پوءِ وارث اياز علي جوکيو جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ کڻي ويا جتي سندس سوين آلين اکين سان سندس لاش سندس والد علي احمد جوکيو جي قبر ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي ۾ سندس مٽن مائٽن سميت اديبن، شاعرن، شهرين، واپارين، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.