ڪئنالن خلاف ميرپور ساڪري ۽ کورواهه ۾ هزارين ماڻهن جو مارچ، ڌرڻا

ميرپور ساڪرو (رپورٽ: عبدالرزاق ڪلمتي) سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف ميرپور ساڪري ۾ آبادگارن، ھارين ۽ واپارين جي جي سڏ تي جمعي نماز بعد شٽربند ھڙتال بعد ميرپور ساڪرو ۾ ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ريلي جي اڳواڻي اياز لاشاري، ٽائون چيئرمين اقبال خاصخيلي، عامرحسين ھديو بلوچ، قربان شاهه، قدوساڻي علي مير ملاح، رزاق ڪلمتي، يعقوب سمون ۽ ٻين ڪئي، ريلي بعد مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيھجي ويون، ساڪرو ڪيٽي بندر نيشنل هاءِ وي بلاڪ ٿي ويو، وفاقي حڪومت خلاف مظاهرين سخت نعري بازي ڪئي، انهيَ موقعي تي خطاب ڪندي ھنن چيو ته سنڌ ۾ اڳئي پاڻي جي کوٽ آهي جيڪڏهن نوان ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بنجر ٿي تباهه ٿي ويندي، جيڪڏهن انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته عالمي رپورٽ مطابق لاڙ پٽي جا ضلعا ٺٽي، سجاول ۽ بدين هستي تان مٽجي ويندا، ھنن چيو آهي ته وفاق فيڊريشن جي ڳالهه ڪري ٿي ته ڪئنال منصوبو رد ڪري ڇڏي، ڇو ته توهان زرخيز زمين کي غيرآباد ڪري غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ ٿا چاھيو چولستان کي آباد ڪري سنڌ کي ريگستان  ۾ تبديل ٿا ڪيو ھنن چيو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت غلط فيصلا ڪرڻ بند ڪري سنڌ جي استحصال ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏبي، جيڪڏهن ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ ۾ دما دم مست قلندر ٿيندو ۽ ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.